لنڊن(اسپورٽس نيوز) ڪائونٽي ناٽنگهم شائر: پاڪستاني ۽ هندستاني ڪرڪيٽرن جي وڪيٽ وٺڻ کانپوءِ گڏجي جشن ملهائڻ جي وڊيو وائرل ,پاڪستان جي فاسٽ بالر محمد عباس ۽ هندستاني وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ايشان ڪشن جي وڪيٽ وٺڻ کان پوءِ جشن ملهائڻ جي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي.پاڪستاني ڪرڪيٽر محمد عباس ۽ هندستاني ڪرڪيٽر ايشان ڪشن هن وقت انگلش ڪائونٽي ناٽنگهم شائر لاءِ کيڏي رهيا آهن. راند جي ٻئي ڏينهن تي محمد عباس پهرين اننگز جي پهرين بال تي ايڊم ليٿ کي ٻڙي تي آئوٽ ڪيو.عباس جي بال تي تي هندستاني ڪرڪيٽر ايشان ڪشن ڪيچ ڪيو.آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان ۽ هندستان جي رانديگرن هڪ ٻئي سان هٿ ملائي ۽ ڀاڪر پائي جشن ملهايو  جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.