ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) پاڪستاني اسٽاڪ مارڪيٽ تر ورتو: 46 منٽن لاءِ ڪاروباربند: سيڙپڪارسٽجي ويا، ان ڏس ۾ ٽرمپ ٽيرف مڙهجڻ بعد ڪالهه صبح جو اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 100ا نڊيڪس 6287 پوائنٽن جي لاٿ سان 112504 پوائنٽن تي پهتي، جنهن بعد مارڪيٽ کي ساهي ڏيڻ لاءِ 46 منٽن جو وقفو ڪرايو ويو، بعد ۾ ٻيهر کليل مارڪيٽ  وڌيڪ 8 هزار پوائنٽن جي لاٿ سان 110335 پوائنٽن واري هيٺاهين حد تي پهتي، شام ڌاري مارڪيٽ 3882 پوائنٽن جي لاٿ سان 114909 پوائنٽن تي بند ٿي، سڄو ڏينهن بي يقيني واري صورتحال هجڻ ڪري سيڙپڪار پريشان رهيا. هوڏانهن هانگ ڪانگ جي اسٽاڪ مارڪيٽ 10،  ٽوڪيو 8، تائي پي ۾ 9 سيڪڙو لاٿ آئي، جڏهن ته علي بابا جي شيئر ز ۾ 14 سيڪڙو لاٿ آئي.