ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار خاقان شاهنواز طرفان بالي ووڊ سپر اسٽار ڪرينا ڪپور جي عمر بابت ڪيل تبصري سوشل ميڊيا واهپيدارن کي ڪاوڙائي ڇڏيو. اداڪار خاقان شاهنواز ويجهڙ ۾ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هڪ عورت مداح اداڪار سان خواهش جو اظهار ڪيو. مداح چيو ته هوءَ چاهي ٿي ته خاقان بالي ووڊ اسٽار ڪرينا ڪپور سان فلم ۾ ڪم ڪري، عورت جي خواهش ٻُڌي ميزبان کيس چيو ته اوهان جي صورت ڪرينا سان ملندڙ جلندڙ آهي ۽ اوهان ڪپور ڪٽنب مان ئي لڳو ٿا. خاقان شاهنواز اِهو ٻڌي مسڪرائيندي چيو ته مان سندس پٽ جو ڪردار ڪري سگهان ٿو، ڪرينا عمر ۾ وڏي آهي، مان سندس پٽ بڻجي سگهان ٿو. اداڪارا جي اهڙي تبصري نه رڳو ڀارتي سوشل ميڊيا پر پاڪستاني سوشل ميڊيا واهپيدارن کي به ڪاوڙائي ڇڏيو آهي.