اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان پنهنجن شهرين کي ڀارتي آبي جارحيت جي نتيجي ۾ يرغمال نه بڻجڻ ڏيندو. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز (آءِ ايس ايس آءِ) جي 52هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پرڏيهي وزارت آءِ ايس ايس آءِ جي اهم ڪردار کي تسليم ڪري ٿي. اڄ دنيا وڏن بحرانن ۾ ڦاٿل آهي. ڪيترين ئي جنگين، رياستن جي وچ ۾ لاڳاپن، عالمي حڪمراني جي ادارن ۽ تڪرارن جي پسمنظر ۾ صورتحال تبديل ٿي رهي آهي. پاڪستان عالمي ٽربيونلن ۾ هڪ ذميوار ميمبر طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي محفوظ مستقبل کي يقيني بڻايو پيو وڃي. نائب وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته ڀارت مئي 2025ع ۾ پهلگام حملي کانپوءِ غير ذميوار رويو اختيار ڪيو. ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ اسان سخت ردعمل ڏئي پاڪستان جي اهميت کي واضح ڪيو. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تحت پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي ۽ غير قانوني طور معطل ڪيو ويو آهي. پاڪستان پنهنجن 220 ملين ماڻهن کي آبي جارحيت سبب يرغمال نه بڻجڻ ڏيندو. هن چيو ته جنگبندي کانپوءِ علائقائي سلامتي جي صورتحال کي معمول تي آڻڻ لاءِ اعتماد سازي ضروري آهي. اسين هڪ باعزت ۽ باوقار امن جا خواهشمند آهيون. اسين جمون ۽ ڪشمير جو حل ڪشميرين جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت چاهيون ٿا.