ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دبئي جي سفير طرفان پاڪستانين لاءِ ويزا جا مسئلا حل ٿيڻ جي خوشخبري، پاڪستاني 5 سالن لاءِ ويزا حاصل ڪري سگهندا. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري سان يو اي اي جي سفيرحماد عبيد الزيبي گورنر هائوس سان ملاقات ڪئي ، ان موقعي تي هن چيو ته ويزا جا مسئلا حل ٿي ويا آهن ، هاڻ پاڪستاني پنج سالن جي ويزا حاصل ڪري سگهن ٿا. يو اي اي جي سفير گورنر کي ڪراچي ۾ ويزا سينٽر جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني.