لاهور (م ڊ) بنگلاديش پاڪستانين لاءِ ويزا شرط نرم ڪري ڇڏيا. بنگلاديش جي سفير محمد اقبال خان چيو آهي ته لاهور جي تهذيب ۽ ثقافت ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، بنگلاديش جو عوام پاڪستاني عوام سان محبت جو رشتو رکڻ چاهي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن ۾ سهڪار وڌائڻ وقت جي ضمانت آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته پاڪستان بنگلاديش گڏيل واپار وڌائڻ لاءِ لاهور چيمبر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، بنگلاديش جو عوام پاڪستان کي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن کي معاشي ۽ اقتصادي سهڪار مضبوط ڪرڻو پوندو. محمد اقبال چيو ته بنگلاديش پاڪستانين لاءِ ويزا شرط آسان ڪري ڇڏيا آهن ۽ هاڻ پاڪستان جا شهري بنگلاديش جي ويزا آن لائن به حاصل ڪري سگهن ٿا. ان موقعي تي لاهور چيمبر جي صدر ابوذر شاد چيو ته اسان بنگلاديش سان واپار وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، اسان جو وفد جلد بنگلاديش ويندو.