واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ جو چوڻ آهي ته جنگ سان پاڪستانين جو مورال تمام گهڻو بلند آهي، جڏهن ته ڀارت ۾ بيچيني پيدا ٿي وئي. واشنگٽن پوسٽ لکي ٿي ته اهو سمجهڻ مشڪل آهي ته پاڪ ڀارت تڪرار اڳتي هلي ڪهڙو رخ اختيار ڪندو؟ پر ڀارت ۾ بيچيني وڌي وئي آهي، هندستان ۾ 21 ايئرپورٽس هڪ هفتي تائين بند ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڀارت جي ڪجهه شهرن ۾ خميس کان بجلي بند رهي، آمريڪي اخبار جو وڌيڪ چوڻ اهي ته ڀارتي پنجاب رياست جي علائقي گرداس پور ۾ خميس کان مڪمل بليڪ آئوٽ رهيو، جڏهن ته راجسٿان ۾ سرحدي علائقن جا اسڪول بند رهيا.