سينچورين: پاڪستاني اوپنرن جي شاندار بيٽنگ سبب پاڪستان ٽئين ٽي 20 ميچ ۾ ڏکڻ افريڪا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪپتان بابر اعظم شاندار بيٽنگ ڪندي 122 رنسون اسڪور ڪيون جڏهن ته محمد رضوان 73 رنس ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. بابر اعظم جي ٽي 20 ۾ اها پهرين سينچري هئي. ان کان اڳ ڏکڻ افريڪا پهرين بيٽنگ ڪندي پاڪستان کي 203 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو، جنهن ۾ مرڪرم 63 ۽ ملان 55 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا. موٽ ۾ پاڪستان گهربل اسڪور 18هين اوور ۾ پورو ڪري ورتو. اهڙي ريت پاڪستان کي 4 ميچن جي سيريز ۾ ٻن ميچن جي سرسي حاصل آهي.