پاڪستان، سياست جو تجربيگاهه

0
107
پاڪستان، سياست جو تجربيگاهه

 فوج جي سربراهن کليل نموني چار ڀيرا پاڪستان ۾ حڪومت جو نظام تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٽي ڀيرا ته فوجي سربراهه 10-10 سالن تائين حڪمراني به ڪندا رهيا پر هنن جي آندل تبديلي پاڙ نه هڻي سگهي ۽ هنن جي اقتدار جي خاتمي کانپوءِ ئي هنن جي متعارف ڪرايل تبديلي زمين ۾ دٻجي وئي. فوجي سربراهن حڪومتي نظام ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر سياسي جماعتن جي حڪومتن ڪنهن به قسم جي ڪوشش ئي نه ڪئي بلڪه هنن فوجي سربراهن جي لاڳو ڪيل تبديلين کي پنهنجي پنهنجي دور ۾ هلڻ ئي نه ڏنو. آڪٽوبر جي مهيني ۾ پاڪستان ۾ 2 ڀيرا فوجي سربراهن تبديلي متعارف ڪرائي. پاڪستاني فوج جي پهرين مسلمان سربراهه جنرل ايوب خان 1958ع ۾ تبديلي آندي جڏهن ان وقت جي صدر پاڪستان ميجر جنرل اسڪندر مرزا ايوب خان کي ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ان وقت ملڪ ۾ سول حڪومت قائم هئي ۽ سياسي طور تي مڃيل سياسي شخصيت وزيراعظم فيروز خان نون هو. هن جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو ۽ 7 آڪٽوبر تي مارشل لا لاڳو ڪئي وئي. ان مارشل لا کي 27 آڪٽوبر تي اهڙي طرح مڪل ڪيو ويو ته اسڪندر مرزا کي اڌ رات جو پستول جي زور تي پنهنجي عهدي تان مستعفي ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ ملڪ بدر ڪري لنڊن موڪليو ويو جتي رهائش لاءِ هن کي هوٽل تي ملازمت ڪرڻي پئي هئي. اسڪندر مرزا جي مستعفي ٿيڻ کانپوءِ ايوب خان ۽ هن جي ساٿي جرنيلن ملڪ ۾ حڪومت قائم ڪري ورتي. ايوب خان حڪومتي نظام ۾ بنيادي تبديلي اها آندي جو قائداعظم جي رضامندي سان ملڪ ۾ قائم پارلياماني نظام کي تبديل ڪيو ويو ۽ صدارتي طرز حڪومت قائم ڪئي وئي. صدارتي طرز حڪومت کي قائداعظم جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح جنهن تحريڪ پاڪستان ۽ پاڪستان ٺهڻ ۾ قائداعظم جو قدم قدم تي ساٿ ڏنو هو، اهڙي طرح چئلينج ڪري ڇڏيو هو جو هن ايوب خان جي مقابلي ۾ 1964ع ۾ صدارت جي چونڊ وڙهي هئي. ايوب خان ملڪ ۾ بنيادي جمهوريت جو نظام لاڳو ڪيو هو ۽ ان وقت جي اوڀر ۽ اولهه پاڪستان ۾ برابر جا نمائندا بيهاريا هئا. ٻنهي صوبن ۾ 40-40 هزار نمائندا هئا. اهڙي طرز جي چونڊن ۾ به محترمه فاطمه جناح ڪراچي ۽ ڍاڪا ۾ ايوب خان کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا هئا. حيدرآباد ۾ هن کي ۽ ايوب خان کي برابر ووٽ پيا هئا.

ايوب خان پنهنجي دور ۾ لاڳو ڪيل قدمن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ 1962ع ۾ هڪ آئين به لاڳو ڪري ڇڏيو هو. هن جي لاڳو ڪيل نظام ۾ عوام کي برابر جي راءِ ڏيڻ جو حق حاصل نه هو. بنيادي جمهوريت جا ميمبر قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جي چونڊ ڪندا هئا. ايوب خان جي منظور نظر جنرل يحيٰ خان ايوب خان کان 1969ع ۾  زوريءَ استعيفيٰ ورتي ۽ پاڻ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏي. ايوب کي ايتري مهلت به نه ڏني وئي ته اهو پنهنجي ئي لاڳو ڪيل آئين تحت ملڪ جي اقتدار قومي اسيمبلي جي اسپيڪر (ان وقت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر عبدالجبار خان هو، هن جو تعلق بنگال سان هو) جي حوالي ڪري. يحيٰ خان ملڪ ۾ هڪ فرد هڪ ووٽ جي بنياد تي ملڪ ۾ پهريون ڀيرو عام چونڊون ڪرايون پر هڪ فرد هڪ ووٽ جي بنياد تي ڪرايل چونڊن جي نتيجي کي جنرل يحيٰ خان ۽ ساٿين پاڻ ئي تسليم نه ڪيو هو. ان جو نقصان اهو ٿيو جو ڀارت مداخلت ڪري پاڪستان تي جنگ ٿاڦي ڇڏي، نتيجي ۾ پاڪستان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. ايوب خان جو دور ختم ٿيو، يحيٰ خان جي دور ۾ ملڪ ٽٽي ويو. ڀٽو دور ۾ ايوب خان جي دور جي اڪثر قدمن تي پاڻي هاريو ويو، ڀٽو دور جو خاتمو جنرل ضياءُ الحق جي لاڳو ڪيل مارشل لا سان ٿيو. ان کانپوءِ جنرل ضياءُ جو ڏهه سال دور رهيو، پر ان جي دور ۾ لاڳو ڪيل قدمن تي بعد جي سول حڪومتن پاڻي هاري ڇڏيو. سياستدانن کي فوجي حڪمرانن جو لاڳو ڪيل نظام قابل قبول نه هو. نتيجي ۾ ملڪ هر ڀيري 1958ع ۾ لاڳو ڪيل مارشل لا کان اڳ جي دور ۾ وڃي بيهندو هو.

آڪٽوبر ۾ ٻي فوجي ڪارروائي 12 آڪٽوبر 1999ع تي جنرل پرويز مشرف ڪئي. وزيراعظم نواز شريف جنرل مشرف جي ملڪ مان غير حاضري ۾ هن کي برطرف ڪري ۽ جنرل ضياءُ الدين بٽ کي آرمي چيف جي مقرري جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندي مقرر ڪري ڇڏيو جنهن تي مشرف جي ساٿين وزيراعظم کي اقتدار کان جدا ڪري ڇڏيو. مشرف به پنهنجي اڳوڻن جنرلن وانگر مڪاني حڪومتن جو نظام متعارف ڪرايو جنهن کي “اختيار عوام جي در تي” جو نالو ڏنو ويو. اهڙيون ضلعي حڪومتون قائم ڪيون ويون جنهن ۾ ضلعي حڪومت کي وفاقي حڪومت کان هن جا خرچ ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ رقم سڌي ريت ملندي هئي. ضلعي حڪومتون صوبائي حڪومتن جو ڪنهن طرح به ماتحت نه هيون جنهن کي صوبائي حڪومتن پسند ئي نه ڪيو بلڪه ان کي رد ڪرائڻ تي گڏ ٿي ويون. صوبائي حڪومتن کي اها ڳالهه ان لاءِ پسند نه هئي جو مڪاني ادارن تحت ٿيندڙ ڪمن ۾ صوبائي حڪومت جي ميمبرن کان ڪنهن به صلاح مشوري جي ضرورت ئي نه هئي، جڏهن هنن جو عمل دخل ئي نه هو ته ترقياتي ڪمن جي رقم ۾ هنن جو حصو به نه هو. هن ملڪ ۾ ته ڪميشن جي حصن ئي هن ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي اچي بيهاريو آهي. جنرل مشرف ئي قومي احتساب بيورو يعني نيب جو ادارو قائم ڪيو هو، جنهن کي هن سميت حڪمرانن پنهنجي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو.

جنرل مشرف جو ضلعي حڪومتن جو نظام جيڪڏهن برقرار رهي ها ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي ويجهڙ واري سيلاب ۽ برساتن کانپوءِ تنقيد جو نشانو نه بڻجڻو پوي ها ۽ ماڻهن کي به ان وڏي پيماني تي بي گهر ٿيڻ ۽ بي سهارا ٿيڻ جي ضرورت پيش نه اچي ها. اهڙي طرح جيڪڏهن احتساب جو ادارو جنهن نيت سان ٺاهيو ويو هو جيڪڏهن ان تي نيڪ نيتي سان عمل ڪيو وڃي ها ته پاڪستان جي معيشت لوڏا نه کائيندي  هجي ها. صوبائي حڪومتن کي پنهنجي پنهنجي صوبن ۾ مضبوط قسم جو مڪاني نظام لاڳو ڪرڻ گهرجي جيڪو حڪومت جي ڪنهن مداخلت کانسواءِ ڪم ڪندو رهي. پاڪستان جي نظام ۾ جيڪا سڀ کان وڏي خرابي پيدا ڪئي وئي آهي اها اها ته ڪنهن به نظام جو تسلسل برقرار رکيو ئي نه ويو. ايندڙ هر حڪومت اهو ئي سوچيو ته جيڪڏهن منصوبن جو تسلسل برقرار رکيو ويو ته ويندڙ حڪومتن جو ئي نالو ٿيندو ۽ شهرت ملندي ان کي ختم ڪرڻ ئي بهتر رهندو. گهڻو پوئتي وڃڻ جي ضرورت ناهي. وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي حڪومت جي وقت کان ئي جائزو وٺون ٿا. هن جي دور ۾ 5 نقطن جو پروگرام 1988ع ۾ ايندڙ بينظير مرحومه جي حڪومت منڍ کان ئي ختم ڪري ڇڏيو هو. حد ته اها هئي ته جوڻيجو دور ۾ زڪوات فنڊ سان بي گهر ماڻهن لاءِ ڪوارٽر تعمير ڪرايا ويا هئا، اهي بيٺي بيٺي ايڪسپائر ٿي ويا پر بي نظير حڪومت ۽ ان کانپوءِ جي حڪومتن اهي نه ورهايا. 1988ع ۾ بي نظير حڪومت آئي ته حڪومت بيواهه عورتن ۾ سلائي مشينون ۽ غريبن ۾ سائيڪل ورهائڻ جو منصوبو ٺاهيو، سلائي مشينون ڪٿي ورهايون ويون ۽ ڪٿي ڄاڻي واڻي نه ورهايون ويون. سبب صرف اهو ئي هو ته ماضيءَ جي حڪومت جو نالو ٿيندو. ان تماشگاهه ۾ هي اهڙو الميو آهي جنهن پاڪستان کي تمام وڏي حد تائين نقصان پهچايو آهي. فوجي حڪومتون ناڪام ٿيون ۽ سياسي حڪومتون به ناڪام ٿيون. منصوبن ۾ تسلسل نه هئڻ سبب معيشت جو نقصان ٿيو آهي جنهن سبب سماجي حالتون بدتر ٿيون آهن. رهجي ويون سياسي حالتون ۽ نتيجا، سياسي حڪومتن کي ان لاءِ ڪو فرق نٿو پوي ڇو ته هنن جي ذهن ۾ صرف اها ڳالهه ئي آهي ته آءِ ايم ايف ته هنن جي مدد لاءِ موجود آهي ئي. جڏهن ته سياست ۽ معيشت جو تسلسل ئي ڪنهن به ملڪ کي سماجي طور تي ڪاميابيءَ جي منزل طئي ڪرائيندو آهي.