ملڪ جي مين اسٽريم ميڊيا ھاڻي صرف اخبارن ۽ نجي چينلن تائين محدود نه رھي آھي. ھن مھل ان ۾ پرائيم ٽائيم تي مباحثا نشر ڪندڙ اينڪرن جا اھي يوٽيوب چينل به شامل ٿي ويا آھن، جن کي ھو “ڊجيٽل ميڊيا” سڏين ٿا. جديد ميڊيا جي انھن مڙني حصن تي مشتمل، جيڪو به موقف جنم وٺي ٿو، ان ۾ ملڪ، عوام ملڪ جي قديم قومن ۽ تھذيبن سان لاڳاپيل معاملا فوڪس ٿيڻ بدران، صرف اقتداري رانديگرن جا حال احوال نشر ٿين ٿا. جڏھن ته مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي، جي يو آءِ توڙي تحريڪ انصاف کان سواءِ به ملڪ ۾ ڪروڙين ماڻھن سان زندگي موت جا مسئلا درپيش ھجن ٿا پر انھن جي باري ۾ حرام جو اسان جي “حلال ميڊيا” ڪا ٻڙڪ به ٻاڦي! ھونءَ ته ملڪ ۾ بي انتھا ۽ ڪن جا پردا چاڪ ڪندڙ شور آھي پر ان سموري ٻائيتال ۾ ڪٿي به اصل اشوز جو ڪو ڀڻڪو به ٻُڌڻ ۾ نه ٿو اچي.
ملڪ ۾ ميڊيا جو پاڻمرادو ڪمپرومائيز صبر آھي يا جبر آھي؟ يا ڪجھ ڪجھ صبر ۽ ڪجھ ڪجھ جبر آھي يا اھا ميڊيا جيڪا پنھنجي مخصوص لھجي، لفظن يا اڃان به موضوعن جي حوالي سان جھرڪين ۽ ڪبوترن جي پاران آندل اندر جي انفارميشن جي ڪڏي ٿي، ڇا ڪڏھن ان کي ايترو وقت ملي سگھي ٿو ته اھا پنھنجي جِيءَ ۾ جھاتي پائي ڏسي ته ڇا ملڪ ۾ صرف اھي ئي معاملا ميڊيا جي ڌيان جو گذر سفر ھجڻ گھرجن؟ جيڪڏھن ان سلسلي ۾ ڪنھن مباحثاتي اسٽيج تي ڪنھن اينڪر يا ڪنھن سينيئر صحافيءَ کان ان قسم جو سوال پڇا ڪجي ٿو ته ھو پنھنجي ڪوتاھي يا ڪمزوريءَ جو اعتراف ڪرڻ بدران ان ڳالھ تي ڳت ڏين ٿا ته اصل اشو عوام جي پسند ۽ ناپسند جو آھي؟ ٻين لفظن ۾ انھن کي اقتداري سياست جي گيم شيم جي تذڪراتي تجزيي کان سواءِ اھا ريٽنگ حاصل ٿي نه ٿي سگھي، جيڪا بقول سندن روزي روٽي آھي.
ملڪ جي ڪروڙن ماڻھن کي ڪجھ مخصوص موضوعن ۽ مھانڊن جو عادي ڪري، ھاڻي انھن جي مجبوريءَ جو عذر پيش ڪرڻ به عجيب آھي پر ھن ملڪ جي حوالي سان اھم سوال اھي آھن ته قيدي نمبر 804 ڪڏھن آزاد ٿيندو؟ آزاد ٿيندو ته ڇا ھو مڪمل طور تي آزاد ھوندو؟ ڇا ھن کي اظھار کان وٺي ميل ملاقات تائين ھر قسم جا حق حاصل ھوندا؟ ڇا ھِيءَ حڪومت مدو پورو ڪندي؟ ڇا بلاول سال سوا کان پوءِ وزير اعظم ٿيندو؟ ڇا مريم نواز کي ڪامياب وزير اعليٰ قرار ڏئي سگھجي ٿو؟ ڇا سوشل ميڊيا تي مخصوص معاملا بحث جو موضوع بڻجڻ کپن؟ ڇا آمريڪا ۾ حڪومت جي تبديلي پاڪستان ۾ “حقيقي تبديليءَ” جو ڪارڻ بڻبي؟ انھن سوالن جي اھميت کان انڪار ناھي پر ھن ملڪ ۾ صرف اھي موضوع ناھن پر ھن ملڪ جو عوام به آھي. پھاڙن تي رھندڙ اھو عوام، جنھن کي برفباريءَ ۾ ايترو ٻارڻ حاصل ناھي جو ھو رڳن ۾ وھندڙ رت کي ڄمڻ کان بچائي سگھي يا ميدانن ۾ رھندڙ اھو عوام جنھن جي پيٽ گذر کي پائمال ڪرڻ لاءِ ملڪي وھڪرن جي لھر لھر مٿان قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
شھرن ۾ زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن جو فقدان ۽ جان توڙي مال جي تحفظ کي تاراج ڪندڙ اسٽريٽ ڪرائيم به اھم موضوع آھن پر ڇا ھن مھل سڀ کان اھم موضوع اھو پاڻي ناھي، جنھن جي اڻ ھوند سبب آسمان ۾ ترندڙ اربين ستارا ۽ سيارا پنھنجن بي پناھ معدني وسيلن ھوندي به بي معنيٰ آھن. سائنسدان چون ٿا ته خلا ۾ اھڙا سيارا به موجود آھن، جيڪي ھيرن جون کاڻيون آھن. جن مان سون کان وڌيڪ قيمتي ڌاتو حاصل ٿي سگھن ٿا پر انھن جي ڪا اھميت ان ڪري ناھي، ڇو ته اتي پاڻي ناھي. جيڪڏھن مريخ يا چنڊ تي پاڻيءَ چڪو ھجي ته اتي ھن مھل تائين طاقتور ملڪن پاران قبضي جون جنگيون لڳي چڪيون ھجن ھا. ان سلسلي ۾ سرد جنگ واري محاوري “اسپيس وار” کي نئون موضوع ملي وڃي ھا پر خلا ۾ سڀ ڪجھ ھوندي سوندي به صرف پاڻي ناھي ته جھڙوڪر ڪجھ ناھي. اھوئي سبب آھي ته اسان کي سائنسدانن اڌ صدي اڳ مڪمل تفصيلن سان آگاھ ڪيو ھو ته ھاڻي جنگيون پاڻيءَ تي لڳنديون. ھن وقت ملڪن جي وچ ۾ نه پر ملڪن جي اندر به جيڪي تڪرار پاڻيءَ تي پيدا ٿي رھيا آھن، انھن سبب نه صرف امن پر انسان ذات جي بقا آڏو سواليا نشان پيدا ٿي پيو آھي.
ملڪ جي ڊجيٽل ميڊيا جا اداڪار ميزبان جڏھن ڪنھن ايپليڪيشن کي استعمال ڪرائي پنھنجي سيٽ تي بيڪ گرائونڊ کي سينگارڻ لاءِ ڪنھن خاص اميج جي چونڊ ڪن ٿا ته انھن ۾ ڪلاسيڪل فرنينچر کان وڌيڪ انھن ڪتابن جون تصويرون ھونديون آھن، جن جا نالا زوم ان معرفت به معلوم ڪري نه ٿا سگھجن. جڏھن ته ڪجھ يوٽيوبر جنھن ريڪ ۾ ڪجھ ڪتاب سينگاري رکندا آھن، انھن ڪتابن جي ترتيب ۾ سالن کان وٺي تر جيتري تبديلي نه آئي آھي. ڇو ته اھي ڪتاب مڪمل طور تي ڪنوارا آھن. انھن ڪتابن جي لفظن تي جيڪا لالي لڳل ھئي، اڄ به اھا ساڳي لالي ذرو به نه لٿي آھي. جيڪڏھن جديد ميڊيا جي انھن پھلوانن ھيڏانھن ھوڏانھن ھلندڙ اشوز جي حوالي سان ڪا غلط يا درست ڀڻ ڀڻ سڻڻ تي سمورو ڌيان ڌرڻ کان سواءِ ڪجھ ڪتاب به پڙھيا ھجن ھا ته انھن کي پتو پوي ھا ته تھذيبون برج خليفا جون بلنديون ناھن پر تھذيبون درياھن جي لھرن مان جنم وٺنديون آھن.
مصر ۽ سميريا کان وٺي ھڙپا ۽ موھن جي دڙي تائين جن جن تھذيبن تاريخ جي ٽارين تي گلن کان ٽڙي پنھنجا رنگ ۽ پنھنجا سڳنڌ لھرايا، انھن جو بنياد اھي نديون ھيون، جن جي ڪنارن جي تھذيبن جي تعمير ممڪن ٿي سگھي. ڇا تھذيب صرف پوک ھئي؟ ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته “ڍوَ کان سواءِ ڪو ڍولھيو، سونھن کي ساڃاھي نه ٿو سگھي” پر اھا سونھن ورونھن به ان تھذيب جو اٽوٽ انگ ھئي، جنھن جڙ جر تي رکل ھئي. اھوئي سبب ھو ته ڀٽائيءَ “پاڻيءَ منجھ پساھ” جھڙا ٽي لفظ تخليق ڪيا.
انسان جي زندگي ھڪ ڊگھو ۽ اھڙو سفر آھي، جنھن ۾ ٿَڪ جو فل اسٽاپ ته ڇا پر ڪاما به ڪا اھميت نه ٿي رکي. اھو سفر، جيڪو ٽئگور جي گيت وانگر ھڪ ڪشتيءَ ۾ جاري آھي. اھا ڪشتي جيڪا ھڪ ڪناري جو خواب ته ڏسي ٿي پر ھن جي تمنا ۾ پوءِ به اھي تڙپندڙ لھرون آھن، جيڪي ملاح جون اکيون بند ٿيڻ نه ٿيون ڏين. جيڪڏھن ڌرتي صرف سمنڊ ھجي ھا ته اھو اڍائي حصا ھجڻ جي باوجود به انھن نسلن جي پيداوار يا ارتقائي سفر ۾ ڪردار ادا نه ڪري سگھي ھا، جيڪي نسل کاري پاڻيءَ تي جيئرا رھي نه ٿا سگھن. انسان بنيادي طور تي ڀلي کاري جو کيڙائو ھجي پر ھن کي پنھنجي تھذيبي تڪميل لاءِ مٺي تي موٽڻو پوي ٿو.
ھن ڌرتيءَ تي تھذيبي سفر جو سلسلو ڪنھن به طرح سان وک نه وڌائي سگھي ھا، جيڪڏھن ان ۾ نديءَ جا وھڪرا شامل نه ھجن ھا. ڇا نديون صرف ان لاءِ ھيون ته انھن اَن جا انبار ڏنا ۽ اٽي جي ماني ملڻ کان پوءِ انھن ندين مڇيءَ جي سوغات ڏني. تھذيبن جي ابتدا ڀلي مڇي مانيءَ کان ٿي ھجي پر تھذيبن جو سمورو روپ سروپ صرف کاڌي پيتي تائين محدو ناھي. انسان ذات پنھنجي تھذيبي سفر ۾ جيڪي منزلون ماڻيون آھن، انھن جا مڪمل تفصيل ھراري ته ڇا پر ول ڊيورانٽ به پنھنجن جلدن ۾ سمائي نه سگھيا. انساني تھذيب صرف نسل وڌائڻ ۽ پاڻ کي قدرتي آفتن کان محفوظ رکڻ تائين محدود ناھي. انساني تھذيب ۾ صرف عقيدا ۽ گذر جا وسيلا ناھن پر انساني تھذيب جا ويس وڳا جن ريشم ڌاڳن مان جنم وٺن ٿا، انھن ۾ انسانن جا خواب، خيال ۽ سائنس جون ايجادون توڙي آرٽ جون اھي تخليقون به شامل آھن، جن جا آثار به اسان کي حيرت جي جزيري تي پھچائي اچن ٿا. جيڪڏھن ھن وقت انسان ذات بايوٽيڪ ۽ آرٽيفشل انٽيليجنس جي اچرج واري دنيا ۾ قدم رکيو آھي ته ان سان گڏ يونان توڙي روم جو اھو فڪري، فني ۽ انتظامي عقل جو ورثو به آھي، جنھن جو احاطو ڪرڻ ھن مھل تائين آسان نه رھيو آھي.
تھذيب صرف انسان جي جسم جي بنيادي ضرورتن تائين محدود مشغلو ناھي. تھذيب جو تعلق انھن جذبن ۽ احساسن سان به آھي، جن مان مجسما تراشيا ويندا آھن ۽ جن مان اھي ساز تخليق ٿيندا آھن، جيڪي گيتن کي اصل آواز آڇيندا آھن. تھذيب صرف ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جو رڪارڊ ناھي پر تھذيب ته اھو حياتاتي دائرو آھي، جنھن ۾ ھر قسم جي حياتيءَ جو، ھر قسم جي حياتيءَ سان ڪو مخصوص رشتو استوار ٿيل ھجي ٿو.
تھذيب جو جنم ۽ تھذيب جي ترقي يا تھذيب جو سفر پنھنجي ساٿ ۾ جيڪو ڪائنات جھڙو ڪاروان کڻي ٿو ھلي، ان جي پوري وجود کي صرف موضوعن تائين معلومات سان پيش ڪرڻ به ھڪ وڏي ڪتب خاني کان ڪا وسيع ايراضي گھري ٿو. انساني علم ان انساني عمل جي پيدوار آھي، جنھن ۾ انسان جو فڪر ۽ فھم به شامل آھي. اھا گوناگون تھذيبي دنيا ڪنھن به طرح سان وجود وٺي نه سگھي ھا، جيڪڏھن مٺي پاڻيءَ کي لوڻياٺي پاڻيءَ سان لائون لھڻ جي موڪل نه ملي ھا. اڄ به جيڪڏھن مٺي ۽ کاري جي ميلاپ تي سائنس کان سوال ڪيو وڃي ته ان کي نه صرف تھذيب پر حياتيءَ جي بنيادي سببن جو اصل نچوڙ بڻائي پيش ڪندي. جيڪڏھن سمنڊ ۽ درياھ جو سنگم نه ٿئي ھا ته تھذبيون اسري نسري نه سگھن ھا. اڄ به جنھن جنھن ڌرتيءَ جي ماڳ تي نديءَ ۽ سمنڊ جي ميلاپ جو ماحول آھي، ان رشتي کي ڪٽڻ سان ممڪن آھي ته ڪجھ لک ايڪڙ ٻنيون وڌيڪ آباد ٿين پر ان سان پوري تھذيب تباھيءَ جي ور چڙھي ويندي.
تھذيب جو جنم جيترو حَسين ۽ حياتيءَ سان شرابور آھي، تھذيب جو موت ايترو ئي ھيبتناڪ ۽ حياتي مخالف آھي. سنڌو درياھ ۽ سمنڊ جو سنگم تھذيب جي زندگي ۽ انھن جو وڇوڙو تھذيب جو موت آھي. سنڌو نديءَ جو تحفظ تھذيب ۽ ھر قسم جي حيات جو تحفظ آھي. افسوس ته ملڪي ميڊيا کي تھذيبن جي آغوش مٿان ڪڙڪندڙ قيامت جي پروڙ ئي ناھي.
“پاڙي ناھ پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري”.
لطيف جي مٿين لفظن ۾ ڪيتري نه پيڙا ۽ ڪيتري نه تھذيبي تڪليف آھي!!