پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا

0
15
پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا

 پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ سُٺا رابطا، سماجي ۽ ثقافتي سهڪار ۽ واپار خاص اهميت رکن ٿا. توهان سڄي دُنيا جي ملڪن ۽ خاص طور تي مختلف خطن ۾ پاڙيسري ملڪن جي رابطن جو تنقيدي جائزو وٺو. بدترين حالتن ۾ به اُميد جون ڏياٽيون روشن نظر اينديون. اسان جا چار پاڙيسري ملڪ آهن، ايران، ڀارت، افغانستان ۽ چين. انهن سان اسان جا لاڳاپا ڪيئن ۽ ڪهڙي سطح تي آهن، ان تي اجائي ڊگهي بحث ۽ مٿو کپائڻ جي ضرورت ناهي.

                 افغانستان جو پاڪستان لاءِ، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ واري ڏينهن کان پهاڄن وارو رشتو آهي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ ٺهندڙ پاڪستان جي پشتون علائقن تي افغان حڪومتن جي دعويٰ رهي آهي ۽ هاڻي به جڏهن افغانستان تي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي هر قسم جي مدد سان قبضو ڪندڙ افغان طالبان اقتدار ۾ آهن. مختلف وقتن تي ڪو نه ڪو افغان ليڊر اٽڪ تائين افغان حدن واري دعويٰ ڪري ڇڏيندو آهي. توهان سوشل ميڊيا تي سرگرم افغان باشندن، اُهي افغانستان ۾ رهندا هجن، پاڪستان ۾ يا پاڪستان جي جعلي پاسپورٽ تي پرڏيهه ۾ رهندڙ هڪ طبقو هجي يا پنهنجي پاسپورٽ تي ويل افغان هجن، اُنهن جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس کي گُهمي ڦِري ڏسي وٺو، پاڪستان ۽ پاڪستان واسين لاءِ اُها هر اڻوندڙ گار توهان کي لکيل ملندي جيڪا مارڪيٽ ۾ دستياب آهي. گاريالن جي ان گروپ جي حمايت ۾ اسان جي ملڪن وارن ڪُجهه پشتون قومپرست ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ افغان پناهگير اڳڀرا نظر ايندا.اسان جهڙا طالب علم جيڪي صحافت جي گهٽيءَ ۾ قلم مزدوريءَ سان رزق ڪمائيندا آهيون. سالن بلڪه ڏهاڪن کان پاڪستان جي افغان پاليسيءَ جا ناقد آهيون. سياسيات ۽ صحافت جي اسان جهڙن شاگردن افغان سرزمين تي وڙهيل آمريڪي-سوويت يونين جنگ، جنهن کي مسلم دُنيا ۽ اسان وٽ ‘جهاد-افغانستان’ جي طور تي متعارف ڪرايو ويو هو، ۾ شرڪت جي مخالفت ڪئي هئي. صرف اهو ئي نه، اسان ته افعان انقلاب ثور خلاف افغان رجعت پسندن جي سرپرستي ۽ پناهگيرن لاءِ سرحد کولڻ جا به مخالف هئاسين. سادن لفظن ۾ اهو ته، اسان جي پاليسي سازن هميشه افغانستان ۾ هڪ گروپ کي معشوق وانگر پاليو ۽ چار دُشمن ٺاهي ڇڏيا پر انهن جي وقت جي هر محبوب ۽ چئن دشمنن مان، جنهن کي موقعو مليو اُن پاڪستان کي گهاءُ ڏيڻ کان وسان نه گهٽايو، ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته، افغان ڊيموڪريٽ هجن يا رجعت پسند، ٻنهي کي پاڪستان کان سياسي، مذهبي سهڪار حاصل ٿيندو آهي. مذهبي شدت پسندن کي ته، جهاد جي نالي تي هتان چندو به فراهم ڪيو ويندو آهي. بيت الله محسود، حڪيم الله محسود ۽ پوءِ مُلا فضل الله، بندش پيل ٽي ٽي پي جي انهن ٽنهي سربراهن جي دورن ۾ ٽي ٽي پي ۽ افغان طالبان جو تعلق مالياتي ۽ عددي تعاون جي مفاد تي جُڙيل هو. تمهيد ڊگهي ٿي وئي. عرض اهو ڪرڻ چاهيان ٿو ته، چئن پاڙيسرين مان ڪنهن هڪ سان به اسان جا لاڳاپا اطمينان جوڳا هرگز ناهن. چين تازو ئي جن تحفظات جو اظهار ڪيو، توڙي جو پرڏيهي معاملن جي وزارت جي ترجمان ان کي سوشل ميڊيا جي پروپيگنڊا قرار ڏنو پر ڪڙو سچ اهو آهي ته، هماليه کان بلند ۽ سمنڊ کان گهري دوستيءَ ۾ فرق اچي چڪو آهي. هِي ڪم تبديلي برانڊ دور ۾ سي پيڪ جو بليو پرنٽ آمريڪا کي عطا ڪرڻ سان شروع ٿيو هو. چيني ماهرن ۽ ڪارڪنن جي قتل ۽ عمران دور ۾ سي پيڪ تي “ٿڌاڻ” سان ويڇا وڌيا. پي ڊي ايم ۽ هاڻوڪي اتحادي حڪومت چين کي جيڪي خاطريون ڪرايون، اهي پوريون ناهن ٿيون.

هن وقت ٽي اهم مسئلا آهن، دهشتگرديءَ ۾ مارجي ويل چيني ماهرن ۽ ڪارڪنن جي خاندانن لاءِ معاوضي جي ادائگي نه ٿيڻ، داسو ڊيم سانحي جي نامزد ڏوهارين جي گرفتاري يقيني نه بنائڻ، داسو سانحي جي ذميدارن کي سانحي کان ڪُجهه سال اڳ گلگت جيل مان فرار ڪرائيندڙن ۽ ٻين سهولتڪارن کي جاچ ۾ شامل نه ڪرڻ ۽ چيني ماهرن ۽ ڪارڪنن جي سيڪيورٽي لاءِ چيني فورسز جي مقرريءَ سان گڏ تازو ئي ڪراچي ايئرپورٽ جي ويجهو هڪ آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويل چيني ماهرن جي ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل جوائنٽ انٽروگيشن ٽيم ۾ چيني نمائنده شامل ڪرڻ کان انڪار جي ڪري رُڳو تلخي ئي نه پر ويڇن ۾ پڻ واڌارو ٿيو آهي. اسان جا حڪومتي ذميدار ۽ پرڏيهي وزارت وارا انهن تحفظات کي سوشل ميڊيا جي پروپيگنڊا قرار ڏئي. چوڌري شجاعت واري “مٽي پائو” پروگرام هلائڻ جا خواهشمند آهن پر ائين ٿيندي نظر نٿو اچي. پاڪ-چين لاڳاپن تي لامارا ڏيندڙ خطرن کان اکيون بند ڪري سڀ ڪجهه ٺيڪ هجڻ جو تاثر ڏيڻ درست ناهي.

هاڻي اچون ٿا ايران ۽ پاڪستان جي لاڳاپن تي. ايران اسلامي دُنيا جو پهريون ملڪ آهي، جنهن پاڪستان جي قائم ٿيڻ کي تسليم ڪيو ۽ گڏيل قومن جي اداري جي رُڪنيت لاءِ پرجوش حمايت ڪئي پر پاڪ-ايران لاڳاپا ڪڏهن به مثالي ثابت نه ٿيا. ان جي باوجود 1965ع ۽ 1971ع جي جنگ ۾ ايران پاڪستان جو کُليو طرفدار رهيو. ايٽمي پروگرام ۾ اُن مالي مدد به ڪئي. پاڪستاني اهلِ تشيع جو هڪ وڏو طبقو ايراني انقلاب جي پرجوش حامي طور سامهون آيو. شروعاتي عرصي ۾ انقلاب ۽ شيعا مخالف نظريا رکندڙن جي رياستي سرپرستي شروع ٿي. ان سرپرستيءَ سان جيڪا خطرناڪ راند شروع ٿي، اُن کي رياست جي دهلارين سعودي-ايران پراڪسي وار جو نالو ڏئي، ان ڳالهه جي پرده پوشي ڪرڻ جو اهتمام ڪيو ته، ايراني انقلاب ۽ اُن جي پاڪستاني حامي شيعا تنظيمن خلاف فرقيواراڻي ردعمل کي منظم ڪرڻ لاءِ سعودي عرب کان وڌيڪ آمريڪي سي آءِ اي جو ڪردار هو.

اسان جي اسٽيبلشمينٽ جا ڪُجهه مهرا ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا. توڙي جو هاڻوڪي عرصي ۾ ايران ۽ پاڪستان هڪ سطح تي هم آهنگيءَ سان هڪٻئي جي حدن ۾ موجود مخالف هٿياربند گروپن جي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا پر بداعتمادي ٻنهي طرفن اڃان پڻ آهي. ان تازي بداعتماديءَ جو وڏو سبب پي ڊي ايم حڪومت ۾ پرڏيهي معاملن جي هڪ معاون جو سعودي عرب کي ڪجهه معلومات فراهم ڪرڻ هو.

چوٿون پاڙيسري ملڪ ڀارت آهي. ڀارت ۽ پاڪستان ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيا. لڳ ڀڳ 25 سالن کان پوءِ پاڪستان جي ڪُک مان بنگلاديش جنم ورتو. پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا پهرئين ڏينهن کان، بلڪه ائين چئجي ته، ورهاڱي جي آخري اعلان سان ئي باهه، رت ۽ ڌُوڙ سا ڀرجي ويا. ٻنهي ملڪن جي سرڪاري تاريخ ۾ ٻيو پاڙيسري ملڪ ۽ اُن جا انتهاپسند مجرم آهن. ڪڙو سچ اهو آهي ته، ڪُوڙ کي پکيڙڻ ۾ ٻئي ملڪ ڏوهاري آهن. ورهاڱي جي عمل ۾ هندو-مسلم-سِک فساد شاهه عالمي لاهور ۽ لال ڪرتي راولپنڊي کان شروع ٿيا. ٻئي طرف کان پڻ ان جو جواب آيو. ننڍي کنڊ جي پنجاب (هاڻوڪن ٻنهي حصن) ۾ رت جون نديون وهي ويون، پر ٻنهي حڪومتن پنهنجن شرپسندن ۽ قاتلن جي پردي پوشيءَ ۾ ڪا ڪسر باقي نه ڇڏي.

ورهاڱي جي رتوڇاڻ کان علاوه ڪشمير جو مسئلو پڻ هڪ تلخ حقيقت طور موجود آهي. اها جُدا ڳالهه آهي ته، ڪشمير جي تڪرار جي حل ۾ اصل ڌُر ڪشميرين کي ڪو به نٿو پُڇي ته، اُهي ڇا ٿا چاهين. پاڪستان جي پهرئين ۽ آخري فيلڊ مارشل ۽ پهرئين فوجي سربراهه ايوب خان ٻنهي درياهن کي وڪڻي ڇڏيو. سنڌ طاس معاهدو ٿيو. ٻنهي ملڪن جنگيون وڙهيون. ٻنهي طرفن کان تشدد پسندن جي روزي روٽي نفرتن تي آڌاريل آهي. اهو عرض ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ ناهي ته، پاڪ-ڀارت لاڳاپن جي حوالي سان ڪا به اڳڀرائي ٻنهي ملڪن جي ملٽري اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ کان سواءِ ممڪن ئي ناهي.

معاف ڪجو، اڄوڪو سڄو ڪالم ئي هڪ ‘تمهيد’ ۾ پورو ٿي ويو. پاڪ-ڀارت جي هيٺانهين مٿانهين، نفرتن، تڪرارن تي لکڻ ويٺو هئس ته، ڳالهه ٻئي پاسي هلي وئي. اڄڪلهه پاڪستان ۽ ڀارت جي ٻن ناميارن سفارتڪارن ڊاڪٽر همايون خان ۽ جي پارٿا سارٿي جي مضمونن تي ٻڌل ڪتاب ‘سفارتي تفريق’ (سرحد پار ڳالهه ٻولهه) مطالعي هيٺ آهي. (ڪتاب سيد زاهد ڪاظمي جي اداري “سنگي اشاعت گهر” طرفان شايع ٿيو آهي). هن ڪتاب جو اُردو ترجمو اسان جي قابلِ احترام دوست ڊاڪٽر مجاهد مرزا ڪيو ۽ اهو تمام اعليٰ ترجمو آهي. ايندڙ ڪالم ۾ پاڪ-هند جي انهن ٻنهي پرڏيهي معاملن جي ماهرن جي اکين سان پاڪ-ڀارت لاڳاپن کي ڏسڻ ۽ تڪرارن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.