لاهور:   مينارِ پاڪستان واري جلسي ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف پنهنجي پرڏيهي پاليسي جو به اعلان ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ ميان نواز شريف چيوت ه اسان کي هڪ نئين سفر جي شروعات ڪرڻي آهي. اسان کي سوچڻو پوندوته ڪيئن غربت جو خاتمو ڪجي، ڪيئن پاڙيسرين سميت دنيا سان لاڳاپن کي قائم ڪرڻو آهي؟  هن چيو ته اسين پنهنجي پاڙيسرين سان جنگ ڪري دنيا سان سٺو تعلق قائم نٿا ڪري سگھون. ميان نواز شريف چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ به عزت واري تدبير سان اڳتي وڌڻو پوندو. پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪري توهين ترقي نٿا ڪري سگھو. اسان کي دنيا جي ملڪن سان خراب ٿيل لاڳاپا وري بحال ڪرڻا آهن.  هن چيو ته فلسطين تي ظلم جي مذمت ڪريون ٿا، الله تعاليٰ فلسطين جي مدد ڪري. اسين دنيا کان مطالبو ڪريون ٿا ته فلسطين جو حل ڪڍي.