پيارو اسٽيشن ( ن پ ا ) پاٽ شريف ۾ برهماڻي ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو،  موٽر سائيڪل تي ويندڙ نوجوان قمرالدين چانڊيو ولد گلشير چانڊيو کي تاڙ ۾ ويٺل برهماڻي برادري جي هٿيار بندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع  ملڻ باوجود پوليس وقت تي نه پهتي، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي  ويو، ڌريون مورچابند ٿي ويون.چانڊيا برادري جي  هٿياربندن برهماڻي برادري جي گهرن جو گهيراءُ ڪيو،  هڪ  ڪلاڪ کانپوءِ پوليس پهتي.ان موقعي تي رابطي تي ايس ايچ او رڪڻ سانوڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هڪ سال اڳ برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ تان برھماڻي ۽ چانڊيا برادري ۾ جهيڙي دوران نوجوان عاشق برھماڻي قتل ٿي ويو هو.پلاند ۾ برهماڻي برداري جي ماڻھن قمرالدين چانڊيو کي پاٽ شھر جي بازار ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو.ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ سبب گرلز اسڪول ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ماسترياڻيون  اسڪول تائين محدود ٿي ويون ، پوليس پهچي ماسترياڻين کي ريسڪيو ڪري اسڪول کان ٻاھر حفاظت سان ڪڍي دادو روانو ڪري ڇڏيو، پوليس نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ دادو اسپتال اماڻيو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن جي حوالي ڪيو ويو.