اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ بيچيني پيدا ڪرڻ لاءِ هٿيارن سان ليس هزارين ماڻهن اسلام آباد تي چڙهائي ڪئي، اسلام آباد ۾ احتجاج سبب اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخي طور ويهجي وئي هئي، اُن کانپوءِ هڪ لک پوائنٽس پار ڪري تاريخي بُلندي تي پهچي وئي، اسلام آباد ۾ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ کي خطاب دوران وزيراعظم اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شيئرز هڪ لک کان وڌڻ تي واڌايون ڏنيون، وزيراعظم چيو آهي ته معاشي سيڪيورٽي سان قومي سلامتي سِڌي ريت جُڙيل آهي، اسان معاشي چئلينجز سان گڏ سيڪيورٽي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، دهشتگردي جو ناسور ٻيهر ڪَر کڻي رهيو آهي، ملڪ دشمن روزانو خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ڪارروائيون ڪن ٿا، اسلام آباد تي چڙهائي ڪندڙن جو مقصد ملڪ ۾ بيچيني پيدا ڪرڻ هو، اسان سڀني کي گڏجي ملڪ بچائڻو آهي، ترقي ۽ خوشحالي جي دشمنن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻايا ويندا، پاليسين ۾ آرمي چيف ۽ آئون هڪ پيج تي آهيون، ڪاروبار ڪرڻ حڪومتن جو حڪم ناهي، ان کي هر صورت نجي شعبي حوالي ڪنداسين، هن چيو ته ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه آپشن نه هو، اُميد ته آءِ ايم ايف سان هي آخري معاهدو هوندو، هن چيو ته قوم سان واعدو ڪيو هو ته ملڪي معاشي استحڪام ۽ ملڪي ترقي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندس، پاڪستان کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي سياست جي قرباني ڏني، الله جي فضل ۽ ڪرم سان قرباني ضايع نه ٿي. هوڏانهن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال متعلق جائزاتي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي گذريل ڪجهه ڏينهن کان ملڪ ۾ ڌرڻن جي صورت ۾ مظاهرين پاران سرڪاري ملڪيتن ۽ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن تي حملن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزير اعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ تاريخي ڪرپشن ۽ حڪومت کي بچائڻ لاءِ ان جو ڏيوالو ڪڍڻ جون سازشون ڪندڙ قانون جي گرفت ۾ آيا. اهي قانوني رستو اختيار ڪرڻ بدران بار بار اسلام آباد طرف مارچ ڪري سڄي ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. انارڪي پسند  گروپ جي حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار زخمي ۽ شهيد ٿي ويا. هي ڪهڙا انقلابي آهن جيڪي هن ملڪ ۾ انتشار ۽ تباهي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن؟. وزير اعظم چيو ته اسلام آباد تي حملو ڪندڙ شرپسندن جي ٽولي خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ پراسيڪيوشن سسٽم ۾ وڌيڪ سڌارا آڻڻ گهرجن، انتشار پسند گروپ ۾ ملوث شرپسندن کي فوري طور سڃاڻي سزا ڏني وڃي، ذاتي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد يا ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ ٿيندڙ بغاوت کي روڪڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي، مستقبل ۾ اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ جامع ايڪشن پلان تيار ڪري پيش ڪيو وڃي، اسلام آباد ۽ سڄي ملڪ ۾ اينٽي رائٽ فورس قائم ڪئي وڃي.