ملير (رپورٽر) ملير جي عدالت ۾ انوکو ڪيس سامهون آيو، ملير جي رهائشي عورت پاران پالتو ٻلي جو لاش نه ڏيڻ تي جانورن جي تحفظ واري اداري خلاف عدالت پهچي وئي، عدالت پاران ڌرين جو موقف ٻڌڻ بعد ايس ايس پي ملير کي تحقيقات جو حڪم، خبر موجب: ملير جي عدالت ۾ انوکو ڪيس سامهون آيو، ملير جي رهائشي عورت سعديه پاران ايڊيشنل سيشن جج 5 ملير مسز شهناز ٻوهيو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي پنهنجي موقف ڄاڻايو آهي ته منهنجو پالتو ٻلو جنهن جو نالو لڪي آهي اهو زخمي ٿيو ان کي 20 آگسٽ تي ملير ۾ قائم جانورن جي سارسنڀال واري اداري ۾ داخل ڪرايو ٻي ڏينهن تي پنهنجو پالتو ٻلو ڏسڻ لاءِ اداري ويس جتي انتظاميه پاران مون کي اچڻ نه ڏنو ويو جنهن بعد ٿاڻي تي وڃي پوليس ساڻ ڪري ٻيهر اداري پهتس جنهن بعد انتظاميه پاران ٻڌايو ويو ته اوهان جو ٻلو مري ويو آهي ان تي مون پاران مُئل ٻلي جي گهر ڪئي جيڪو پڻ نه ڏنو ويو جنهن بعد عدالت سان رجوع ڪيو جنهن بعد عدالت پاران جانورن جي سارسنڀال واري اداري کي نوٽيس جاري ڪيو، ڄاڻايل اداري جي وڪيل پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته اسان جو ادارو جهنگلي جانور جيڪي زخمي يا بيمار ٿيندا آهن انهن کي ريسڪيو ڪري سارسنڀال ۽ انهن جانورن جو علاج ڪيو ويندو آهي ڄاڻايل ٻلو ڇاڪاڻ ته پالتو آهي ۽ سندس مالڪياڻي طرفان هڪ فارم پڻ ڀري جمع ڪرايو ويو جنهن موجب سندس مالڪاڻه حقوق ختم ٿي ويندا آهن اهڙي موقف بعد عدالت پاران ايس ايس پي ملير کي واقعي جي جاچ ڪري عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو.