اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ اينڊ اميگريشن پاسپورٽ فيس ۾ اضافي وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو، ترجمان موجب پاسپورٽ فيس ۾ ٻيهر واڌ ناهي ڪئي وئي، پاسپورٽ فيس ۾ اضافو 7 مارچ تي ڪيو ويو هو. ترجمان موجب 36 صفحن جي پاسپورٽ جي 5 سالن جي فيس نارمل 4500 ۽ ارجنٽ 7500 جڏهن ته فاسٽ ٽريڪ 12500 رپيا مقرر آهي، ترجمان موجب 72 صفحا پاسپورٽ نارمل ڪيٽيگري 5 سالن لاءِ فيس 8200، ارجنٽ ۾ 13500، فاسٽ ٽريڪ 18500 رپيا آهي، پهريون ڀيرو پاسپورٽ گم ٿيڻ جي صورت ۾ نارمل ڪيٽيگري ۾ 9 هزار فيس مقرر آهي، ٻئي ۽ ٽئي ڀيري پاسپورٽ گم ٿيڻ جي صورت ۾ فيس ٻيڻ ۽ ٽيڻ تي هوندي. ترجمان چيو ته پاسپورٽ فيس ۾ واڌ وارين خبرن تي عوام ڌيان نه ڏئي.