اسلام آباد(م ڊ) سوشل ميڊيا صارفين پنهنجي اڪائونٽس جا پاسورڊ فوري تبديل ڪن، گوگل، فيس بوڪ، ايپل سميت وڏين ڪمپنين جي صارفين جي ڊيٽا چوري ٿي آهي، انسٽاگرام، سنيپ چيٽ سميت حڪومتي پورٽلز جي معلومات به چوري ٿي وئي آهي، پاڪستان جي نيشنل ڪمپيوٽر ايمرجنسي ٽيم ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي، ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري ادارا ۽ مالياتي اڪائونٽس به متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، مسئلي جو واحد حل حفاظتي قدم، آگاهي ۽ اثرائتي نگراني آهي، فوري قدم نه کڻڻ جي صورت ۾ قومي ڊجيٽل نظام متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.