
تل ابيب/تهران/واشنگٽن(م ڊ) ايران جا اسرائيل تي وڌيڪ حملا، پاسداران انقلاب پاران تل ابيب ۾ اسرائيلي انٽيليجنس ايجنسي موساد ۽ فوجي ڳجهي اداري جي سينٽرز کي سڌو نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، والاريل بيت المقدس، ويسٽ بئنڪ، تل ابيب ۽ هَرزِيليا ۾ ڪيترن ئي اسرائيلي هدفن تي ميزائل حملن سان تباهي ڪئي وئي، لبناني ميڊيا موجب هرزيليا ۾ هڪ حساس اسرائيلي هدف تي سڌا ميزائل ڪِريا، پاسداران انقلاب چيو آهي ته اسرائيل تي وڌيڪ طاقتور ميزائلن سان حملو ڪيو آهي، اسرائيلي ملٽري انٽيليجنس هيڊڪوارٽرز کي به نشانو بڻايو، ايندڙ ڪلاڪن ۾ حملن جي شدت وڌائي ويندي. جمعي کان هيل تائين ايراني ميزائل حملن ۾ 24 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 600 زخمي ٿي چُڪا، آمريڪي سفارتخاني جَي اسرائيل ۾ موجود سمورن سرڪاري عملدارن ۽ سندن خاندانن کي ايندڙ نوٽيس تائين پناهه ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي، ميڊيا رپورٽس موجب اسرائيلي فوج ايراني حملن سان ٿيل نقصان کي لڪائڻ لاءِ سينسرشپ سخت ڪري ڇڏي، هوڏانهن اسرائيل طرفان ايران تي تازي حملي بعد راڄڌاني وارو شهر تهران ڌماڪن سان گونجي اٿيو، اسرائيلي حملن ۾ 3 شهري مارجي ويا، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اسرائيل طرفان تهران ۾ خاتم الانبياءُ ﷺ هيڊڪوارٽر جي نئين ڪمانڊر ميجر جنرل علي شادماني کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي حملي ۾ ايران جي مرڪزي شهر ڪاشان ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، 4 زخمي ٿي پيا، تهران ۾ ڌماڪن ۽ فضائي حملن بعد آسمان دونهين سان ڍڪجي ويو، ايران جي جوهري ٺڪاڻن واري مرڪز نطنز ۾به فضائي دفاعي نظام کي فعال ڪيو ويو، پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيل ايراني فوج جي نئين مقرر ٿيل سربراهه ميجر جنرل علي شادماني کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، علي شادماني ايراني خاتم الانبياءُ ﷺ هيڊ ڪوارٽر جو ڪمانڊر هو، ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي ٻه ڏينهن اڳ جنرل غلام علي راشد جي شهادت بعد علي شادماني کي ڪمانڊر مقرر ڪيو هواسرائيلي پرڏيهي وزير جدون ساعر چيو آهي ته ايران ۾ حڪومت جي تبديلي اسرائيلي فوجي مهم جو حصو ناهي، پر ان مهم جي نتيجي ۾ ائين ضرور ٿي سگهي ٿو. وڌيڪ چيو ويو ته ايران کي به غزه جهڙو بڻائي ڇڏينداسين، خامنه اي جو صدام جهڙو حشر ٿيندوايراني پرڏيهي وزير سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي خاموش ڪرائڻ لاءِ واشنگٽن مان رڳو هڪ فون ڪال ڪافي آهي. ان کان اڳ، اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نتن ياهو به جارحاڻو بيان ڏيندي چيو آهي ته ”ايراني سپريم ليڊر کي ختم ڪرڻ جو ڪنهن به ممڪن منصوبي سان تڪرار ڊيگهه ڏيندو پر مسئلي جي جڙ کي ختم ٿي ويندي، ايراني سرڪاري ٽي وي دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي حملي ۾ ٽي صحافي شهيد ٿيا آهن، جڏهن ته فوتگين جو صحيح انگ اڃا سامهون ناهي آيو.
واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سيون اجلاس اڌ ۾ ڇڏي واشنگٽن پهچي ويو، تهران کي خالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ايران سان ڳالهيون نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته تهران کي معاهدو قبول ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو، آمريڪي صدر ايران سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين جي ترديد ڪري ڇڏي، ڪئينڊا مان واشنگٽن واپسي دوران صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته هن وقت مان ايران سان ڳالهيون ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهيان، ايران سان امن ڳالهين لاءِ رابطو ناهي ڪيو، ايران کي اهو معاهدو قبول ڪرڻ گهرجي ها، جيڪو ميز تي موجود هو، امريڪي صدر فرانسيسي صدر جي دعوائن کي به غلط ثابت ڪندي چيو ته واشنگٽن واپسيءَ جو مقصد جنگبندي ناهي، ڳالهه ان کان گهڻي وڏي آهي، اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي نه پر تڪرار جي حقيقي خاتمي جا خواهشمند آهيون. هن وڌيڪ چيو ته روس ۽ اترڪوريا ايران جي مدد ڪري رهيا آهن. سوشل ميڊيا تي بيان ۾ صدر ٽرمپ چيو آهي ته مون کي خبر آهي آيت الله خامنه اي ڪٿي لڪيل آهي، هو اسان جو آسان هدف آهي، پر کيس تڪڙو مارڻ نٿا چاهيون. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران غير مشروط طور سرينڊر ڪري، اسان کي خبر آهي ته نالي ماتر سپريم ليڊر ڪٿي لڪيل آهي، هو هڪ آسان هدف آهي پر في الحال کيس مارڻ جو ارادو نٿا رکون. پنهنجي ٽرٿ سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام ۾ ٽرمپ چيو ته اسان اهو نٿا چاهيون ته ميزائل عام شهرين ۽ آمريڪي فوجين تي هلايا وڃن، اسان جو صبر ختم ٿيندو پيو وڃي، ان معاملي تي ڌيان ڏيڻ جي مهرباني! هن چيو ته اسان کي ايران جي فضائن جو مڪمل ڪنٽرول حاصل آهي، ايران وٽ سٺا فضائي ٽريڪر ۽ ٻيو دفاعي سامان موجود هو پر اهي آمريڪي سامان جو مقابلو نٿا ڪري سگهن.