اسلام آباد(بيورو) اسلام آباد جي احتساب عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ 19 جوابدارن کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي، آصف زرداري پاران سندس وڪيل ارشد تبريز عدالت ۾ پيش ٿيو، وڪيل چيو ته معاهدي کان اڳ آصف زرداري پارڪ لين ۾ ڊائريڪٽر مقرر نه هو جج محمد بشير چيو ته اڄ نوٽيس جاري ڪيون ٿا، دليل ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ٻڌنداسين، عدالت ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.