اسلام آباد(بيورو رپورٽ) شاھد خاقان عباسي جي نواز شريف سان ملاقات جي اندروني ڪھاڻي سامهون اچي وئي، ذريعن موجب  اڳوڻي وزير اعظم شاھد خاقان عباسيءَ کي پارٽي جي قائد جي سخت لھجي کي منھن ڏيڻو پيو، ذريعن موجب نواز شريف طرفان ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ويو ته ڇا توھان سمجھو ٿا ته سموريون غلطيون ن ليگ جون آھن، 16 مھينا صرف اسان جي نه پر پي ڊي ايم جي حڪومت ھئي، تنقيد ڪرڻ آسان، حالتن ۽ حقيقتن کي منھن ڏيڻ مشڪل ھوندو آھي. نواز شريف شاهد خاقان عباسي کي چيو ته پارٽيءَ ۾ رھڻو آھي يا نه اِھو فيصلو توھان پاڻ ڪريو، اڳوڻي وزير اعظم شاھد خاقان عباسي پارٽي سربراھ کي ميارون ڏيندي چيو ته مون کي پارٽي ۾ ڀت سان لڳايو ويو، ڪنھن به حوالي سان مشاورت نه ڪئي وئي، جنھن تي نواز شريف کيس جواب ڏنو ته توھان پاڻ پارٽي جي سينيئر نائب صدر جو عھدو ڇڏيو، شاھد خاقان عباسي چيو ته مان اوھان وٽ رھنمائي لاءِ آيو آھيان. جنھن تي کيس نواز شريف چيو ته مان چاھيان ٿو ته توھان پارٽي ۾ رھو جيڪڏھن ڪيو ٻيو فيصلو ڪريو ٿا ته مان احترام ڪندس.