اسلام آباد(بيورورپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان مائنز اينڊ منرل بل تي ڪارروائي روڪڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پارٽي منهنجي يا بشريٰ بي بي جي فائدي لاءِ ڪي به ڳالهيون نه ڪري پاڪستان، آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ عوامي مفادن لاءِ ڳالهين جا در بند نه ڪيا آهن. وڪيلن جي ملاقات بعد جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان چيو ته مائنز اينڊ منرلز بل علي امين گنڊاپور ۽ ڪي پي جي سينئر سياسي قيادت جي تفصيلي بريفنگ تائين اڳتي نه وڌندو. اسان جي ملاقات ستن مهينن کان بند آهي نواز شريف سموريون ملاقاتون اسان جي دور ۾ ڪندو هو. ان خلاف توهين عدالت ڪارروائي ڪئي وڃي، افغان پناهگيرن سان روا رکيل سلوڪ سان نفرت وڌندي ان پاليسي خلاف ڪي پي اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪئي وڃي ۽ پناهگيرن جي واپسي ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو وڃي افغان حڪومت سان ڪي پي حڪومت کي ڳالهين جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن هي باهه وسامي سگهي. هن چيو ته اليڪشن ٽربيونل مافيا کي بچائي رهيا آهن ڪي پي اسيمبلي مان قرارداد پاس ڪري پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو وڃي ته ڪي پي جي ٽربيونلز ۾ التوا ۾ پيل پي ٽي آءِ جون پٽيشنون جلد اڪلايون وڃن. هن چيو ته پارٽي اڳواڻ اختلاف عوام ۾ آڻڻ بدران پارٽي فورمن تي حل ڪن. هن چيو ته پي ٽي آءِ پاڻ به احتجاج ڪري سگهي ٿي پر خواهش آهي ته ٻين پارٽين کي به يڪراءِ نڪتن تي گڏ کڻي هلون. سياسي قيادت موجوده ۽ امڪاني اتحادين سان تڪڙيون ڳالهيون ڪري اتحاد کي قطعي شڪل ڏين ۽ مستقبل جي لائحه عمل جو اعلان ڪيو وڃي. احتجاج سميت سمورا آپشن موجود آهن. حڪمت عملي جو اعلان جلد ڪيو وڃي.