لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ق جي اڳواڻن پارٽي کي پي ٽي آءِ ۾ ضم ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت سمورا اختيار پرويز الاهي کي ڏئي ڇڏيا آهن. پرويز الاهي ۽ ساٿين جو اجلاس ڪالهه پرويز الاهي جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ سندس پٽن مونس الاهي، حسين الاهي، ڪامل علي آغا ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عمران خان پاران ق ليگ کي پي ٽي آءِ ۾ ضم ڪرڻ واري تجويز جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پارٽي کي ضم ڪرڻ بابت فيصلن جو اختيار پرويز الاهي جي حوالي ڪيو ويو.