اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جي حوالي سان جواب اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊ ڪيس جي ٻڌڻي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ ڪئي، پي ٽي آءِ جو چيف اليڪشن ڪمشنر بيرسٽر گوهر اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو، بيرسٽر گوهر انٽرا پارٽي چونڊن جي حوالي سان جواب اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، بيرسٽر گوهر چيو ته تفصيلي جواب ۾ تمام حقيقتن کي واضح ڪيو آهي، ميمبر نثار دراني چيو ته ڇا توهان جواب جي روشني ۾ دليل اڄ ڏيڻ چاهيو ٿا؟ بيرسٽر گوهر چيو ته اليڪشن ڪميشن دليل ڏيڻ جي لاءِ ٻن هفتن جو وقت ڏئي، اليڪشن ڪميشن بيرسٽر گوهر جي دليل ڏيڻ لاءِ ٻن هفتن جو وقت ڏيڻ جي استدعا منظور ڪري ورتي، ۽ چيو ته اسان هن ڪيس کي تمام گهڻو لڙڪائي نه ٿا سگهون، اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ گهڻي قدر سياسي جماعتن کي چونڊ نشان الاٽ ڪري چڪي آهي، دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ کي چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ جي حوالي سان فيصلو ڪندي، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊ ڪيس جي ٻڌڻي 13 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.