اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت يوسفزئي پاران قيادت تي مايوسي جو اظهار ڪيو ويو، شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ليڊرشپ مايوس ڪيو آهي، احتجاج دوران علي امين گنڊاپور کانسواءِ ڪوبه اڳواڻ سامهون نه آيو، قيادت ۾ مشاورت ۽ رابطه ڪاري به نظر نه آئي، رٿابندي جي به کوٽ هئي، هن چيو ته بئريسٽر گوهر، سلمان اڪرم راجا ۽ شير افضل مروت ڪٿي غائب هئا؟ قيادت وٽ فيصلي جو اختيار نه هو ته ايترا ڪارڪن ڇو وٺي وئي؟ هن چيو ته پهرين به خبر هئي ته حڪومت ڊي چوڪ تي فاشزم جو مظاهرو ڪندي، پارٽي ۾ جاچ ٿيڻ گهرجي ته رڳو ڊي چوڪ جي چونڊ ڇو ڪئي وئي؟ سوال آهي ته وفاقي سرڪار ڳالهين جي آڇ ڪئي ته ڇو نه ڪيون؟ حڪومت جي ڳالهين واري آڇ تي پارٽي ۾ مشاورت ڇو نه ڪئي وئي؟. شوڪت چيو ته پارٽي بشريٰ بي بي هلائيندي يا ليڊر شپ هلائيندي؟ ليڊر شپ وٽ ايترو اختيار ناهي ته استعيفا ڏيڻ گهرجي.