اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي يو آءِ جي سربراه مولانه فضل الرحمان چيو آھي ته 27 اپريل تي لاهور ۾ فلسطينن جي حق ۾ ملين مارچ ٿيندو 11 مئي تي پشاور ۾ 15 مئي تي ڪوئيٽا ۾ ملين مارچ ڪنداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ بدامني جي صورتحال آھي ڪٿي به حڪومتي رٽ نه آھي هٿيار بند آزاد گهمي رهيا آھن، امن امان جي حوالي سان حڪومت جي ڪارڪردگي زيرو آھي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته حڪومتي ۽ رياستي ادارا عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيا آھن ڌانڌلي جي نتيجي ۾ قائم حڪومت ناڪام آھي موجوده اسيمبلين کي عوام جي نمائينده اسيمبليون نٿا چئي سگهون. هن چيو ته جي يو آءِ  فيصلو ڪيو آھي ته اسان سياسي جدوجهد پنهنجي فليٽ فارم تي جاري رکندا سين،صوبن جو حق کسيو ويو ته صوبن سان گڏ هونداسين. فضل الرحمان چيو ته مائينز ۽ منرل بل کي رد ڪيون ٿا  بلوچستان اسيمبلي ۾ مائينز ۽ منرل بل جي حق ۾ ووٽ  ڏيندڙ جي يو آءِ جي ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪري وضاحت طلب ڪري ورتي آھي، اسان کي پرواهه ناهي ته اسيمبلي ۾ اسان جا ڪيترا ميمبر آھن. هن چيو ته اپوزيشن جو اتحاد نه آھي پر رابطا قائم آھن پارٽي اپوزيشن اتحاد جي حق ۾ نه آھي،