اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي پي ٽي آءِ جي حق ۾ ڏنل مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي عمدرآمد ڪرڻ ۾ ڪنهن به جلدبازي جو مظاهرو نه ڪيو ۽ ان فيصلي تي عمدرآمد اڳيان قانوني رڪاوٽن جي نشاندهي ڪندي رهي پر سپريم ڪورٽ جڏهن مخصوص سيٽن بابت حڪمران اتحاد جي حق ۾ فيصلو ڏنو ته ان فيصلي تي عملدآمد ۾ انتهائي فرمانبرداري جو مظاهرو ڪندي پي ٽي آءِ جي حصي ۾ ايندڙ مخصوص سيٽن تي حڪمران اتحاد جي ميمبرن جي رڪنيت بحال ڪري ڇڏي آھي. سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت حڪمران اتحاد جي حق ۾ فيصلي بعد ملڪ ۾ سياسي نظام وڌيڪ ڪمزور ٿيڻ جا تجزيا ٿي رهيا آھن ۽ اهي امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن ته 26هين آئيني ترميم بعد هاڻي 27هين آئيني ترميم آڻڻ جون تياريون سامهون اچي سگهن ٿيون. آئين ۾ 27هين ترميم ۾ ڪهڙي قسم جون ترميمون اينديون، ان بابت ته تفصيل اڃان سامهون نه آيا آھن پر انهن خدشن جو اظهار ٿي رهيو آھي ته ملڪ ۾ انساني، شهري بنيادي حقن جي محدود ٿيڻ سان گڏ طاقتور ڌرين کي وڌيڪ طاقتور بنائڻ جهڙيون آئين ۾ ترميمون 27هين ترميم ذريعي سامهون اچي سگهن ٿيون. 26هين آئيني ترميم وقت حڪمران اتحاد وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه هجڻ ڪري ڪيتريون ترميمون شامل نه ٿي سگهيون هيون پر هن وقت قومي اسيمبلي ۾ حڪومت کي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ملي چڪي آھي. هن وقت قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين جي ميمبرن جو مجموعي تعداد 214 آھي، جن ۾ مسلم ليگ ن 110، پيپلزپارٽي 70، ايم ڪيو ايم 22، مسلم ليگ ق 5، استحڪام پاڪستان پارٽي 4، مسلم ليگ ضياءُ، باپ ۽ نيشنل پارٽي جو هڪ هڪ ميمبر شامل آھي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ قومي اسيمبلي جي خالي پيل 22 مخصوص سيٽن مان حڪمران اتحاد کي وڌيڪ 19 سيٽون قومي اسيمبلي ۾ ملڻيون آھن، جن مان ڪالھ حڪمران اتحاد کي 17 سيٽون ملي چڪيون آھن. قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ ن کي 15، پيپلزپارٽي کي 4 سيٽون مليون آھن. ائين اضافي مخصوص سيٽون ملڻ بعد حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ کي ملندڙ 19 سيٽن کي حڪومتي اتحاد جي اڳ موجود 214 ميمبرن ۾ شامل ڪجي ته حڪمران اتحاد جي ميمبرن جو تعداد وڌي 233 ٿي ويندو، جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت لاءِ 224 ميمبر درڪار آھن. ائين حڪمران اتحاد وٽ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت لاءِ گهربل ميمبرن کان 9 ميمبر اضافي ٿي ويندا، جنهنڪري هن فيصلي جي روشني ۾ سيٽون ملڻ بعد قومي اسيمبلي ۾ مولانا فضل الرحمان جي سياسي بارگيننگ جي حيثيت ڪمزور ٿي ويندي ۽ آئيني ترميم جي صورت ۾ حڪمران اتحاد کي هاڻي مولانا فضل الرحمان وٽ ائين جوتا گسائڻ جي ضرورت نه پوندي، جيئن 26هين آئيني ترميم وقت حڪمران اتحاد کي مولانا فضل الرحمان وٽ بار بار وڃي ايلاز ڪرڻا پيا هئا. سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ قومي اسيمبلي سوڌو پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ سنڌ اسيمبلي جي مجموعي طور تي 77 مخصوص سيٽن جو فيصلو ٿيندو، جن ۾ 22 قومي اسيمبلي، ڪي پي ڪي اسيمبلي 25، پنجاب اسيمبلي 27 ۽ سنڌ اسيمبلي جون ٽي مخصوص سيٽون شامل آھن. سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن جي فيصلي جي روشني ۾ ڪي پي ڪي اسيمبلي جي 25 مخصوص سيٽن مان جي يو آءِ ف کي 10، مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي کي ست 7 ۽ هڪ مخصوص سيٽ اي اين پي کي ملندي. پنجاب اسيمبلي جي 27 مخصوص سيٽن مان مسلم ليگ ن کي 23، پيپلزپارٽي کي 2، ق ليگ ۽ استحڪام پارٽي هڪ هڪ مخصوص سيٽ ملندي. سنڌ اسيمبلي جي ٽن مخصوص سيٽن مان ٻه پيپلزپارٽي ۽ هڪ ايم ڪيو ايم کي ملندي. جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ حڪمومتي اتحاد جي اڪثريت قائم ٿي چڪي آھي، تڏهن اڪثريت جي بنياد تي حڪمران اتحاد ڪا به ترميم ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي سگهي ٿو. هاڻي ڏسڻو اهو آھي ته ان حوالي سان ڪيترو جلد ڊرافٽ سامهون اچن ٿا. اهي ڳالهيون ان ڪري به زور پڪڙي رهيون آھن جو ڪجھ تجزيي ڪارن سوڌو اپوزيشن جي وڏي پارٽي جي سربراه عمران خان پاران به اهڙيون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. عمران خان جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي ته، “26هين ترميم کان پوءِ جعلي پارليامينٽ ذريعي 27هين ترميم آڻڻ جي زحمت ڪرڻ بدران، اسان کي کليل طور تي ‘بادشاهت’ جو اعلان ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ملڪ هن وقت مڪمل آمريت هيٺ آهي”.
عمران خان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آھي ته، “هڪ مافيا پوري قوم کي غلامي ۾ رکڻ چاهي ٿي. مان جيل جي ڪوٺڙي ۾ رهندس پر غلامي قبول نه ڪندس. منهنجو سڀني ماڻهن لاءِ پيغام آهي ته هر ڪنهن کي اهڙي غلامي جي بدران قيد کي ترجيح ڏيڻ گهرجي ڇو ته جڏهن اسان ٻاهر آزاد نه آهيون ته پوءِ اهڙي آزاديءَ جو ڪهڙو فائدو؟” هن وڌيڪ چيو ته، “مان سڄي قوم کي، خاص طور تي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۽ حمايتين کي پيغام ڏيان ٿو ته عاشوري کان پوءِ ملڪ ۾ هلندڙ ظلم جي نظام خلاف تحريڪ شروع ڪئي وڃي”.
اڳوڻي وزير اعظم عمران کان جي بيان موجب جمهوريت ۾ چار شيون تمام ضروري آهن: ووٽ ڏيڻ جو حق، قانون جي حڪمراني، اخلاقيات ۽ آزاد ميڊيا – ڇويهين آئيني ترميم سڀني چئن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان موجب:
- ووٽ ڏيڻ جو حق: جڏهن ڪو آمر ايندو آهي، ته ان کي ووٽ جي ضرورت ناهي، هو لٺ جي طاقت سان ملڪ هلائيندو آهي – جيئن فارم 47 اسيمبليون ٺاهيون ويون ۽ هاڻي مخصوص سيٽون ورهايون ويون آهن، ماڻهن کي اهو محسوس ڪرايو ويو آهي ته انهن جي ووٽ جي ڪا اهميت ناهي.
- قانون جي حڪمراني: عدليه کي حڪومت جي ذيلي کاتي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. عدالتون انهن جي پسند جي ججن سان ڀريل آهن ۽ آزاد ججن جا هٿ پير ٻڌل آهن – اهو صرف مارشل لا ۾ ٿيندو آهي.
- سماج جي اخلاقيات: هن ترميم سماج ۾ اخلاقيات کي دفن ڪري ڇڏيو آهي. اهي ماڻهو جيڪي چونڊيل نمائندا نه آهن عوام کي اسيمبلين ۾ ويهاريو ويو آهي. اسيمبلي جي ميمبرن کي کليل طور تي خريد ۽ وڪرو ڪيو پيو وڃي ۽ عدليه به ساڳي مافيا جي آڱرين هيٺ آهي.
- آزاد ميڊيا: آمريت ۾، ميڊيا کي مڪمل طور تي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آهي. اظهار جي آزادي تي مڪمل پابندي آهي. آزاد صحافين کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ باقي خريد ڪيا ويا آهن.
عمران خان جو مٿيون بيان جڏهن پڙهيو، تڏهن 2018 جي عام چونڊن لاء طاقتور ڌرين جي ڪيل تياريون ذهن جي اسڪرين تي هلڻ لڳيون. ان وقت عمران خان طاقتور ڌرين جي ڪلهن تي جهڙي اقتدار ۾ اچڻ لاء ڪلها استعمال ڪرائي رهيو هو. ان وقت به ائين ئي ملڪي ادارن بابت ان وقت جي مخالف ڌر راءِ قائم ڪئي هئي پر عمران خان جي پاليسي ۾ ڪابه تبديل نه آئي. 2018 جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ قائم ٿيندڙ حڪومت کي به ائين ئي سليڪٽيڊ حڪومت جو نالو ڏنو ويو هو پر عمران خان طاقتور ڌرين جي اختلاف شدت اختيار ڪرڻ تائين حمايت ۾ سامهون بيٺو رهيو. هاڻي به ساڳي صورتحال جي منظر ڪشي ڪئي پئي وڃي. فرق رڳو ڪردارن جو آھي. 2018 جي چونڊن بعد عمران خان طاقتور ڌرين جي سپورٽ سان حڪمران ڪري رهيو هيو ۽ 2024 جي چونڊن بعد طاقتور ڌرين جي سپورٽ سان ن ليگ حڪمراني ڪري رهي آھي. عمران خان به حڪومتي اتحاد قائم ڪري حڪمراني ڪري رهيو هيو جنهن حڪمران اتحاد کي ٽوڙي عمران خان جي حڪومت کي رخصت ڪيو ويو هو. بظاهر ته هن وقت حڪمران اتحاد ۾ ڏار نظر نٿا اچن پر اهي ڳالهيون ٿيڻ لڳيون آھن ته شهباز شريف جي جاءِ تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي سربراهي ۾ باقي مدت لاءِ وفاقي حڪومت قائم ٿي سگهي ٿي. مونکي ته في الحال ائين ٿيڻ جا آثار نظر نٿا اچن پر ڪجھ تجزئي ڪار ان پويان مختلف ٿيوريز پيش ڪري رهيا آھن ته اگر هي دور ن ليگ پورو ڪري ٿي ته ايندڙ دور به ن ليگ کي ڏيڻ طاقتور ڌرين لاءِ مشڪل ٿي ويندو. ان ڪري نواز شريف چاهيندو ته ان جي پارٽي جي مڊٽرم بعد حڪومت ختم ٿي چونڊن تائين اڍائي سالن تائين ڪنهن ٻئي پارٽي جي حڪومت اچي، جيئن چونڊن وقت ملڪ ۾ ٿيل مهانگائي ۽ مسئلن جو ملبو ان پارٽي تي ڪري. ان سان نواز شريف جي پنهنجي وزير اعظم ٿيڻ يا مريم نواز جي وزير اعظم ٿيڻ جو رستو هموار ٿي سگهي ٿو پر سوال اهو آھي ته ڇا واقعي ئي پيپلزپارٽي جهڙي سياست جي پراڻي پارٽي مڊٽرم حڪومت لاء ايندڙ پنج سالن تائين حڪومت جي امڪان کي هٿان وڃائي اڍائي سالن جي حڪمراني لاء راضي ٿي سگهندي؟ ڪجھ تجزئي ڪارن جو خيال آھي ته ايندڙ عام چونڊن بعد پيپلزپارٽي جي حڪومت قائم ٿي سگهندي جو پيپلزپارٽي کي ڪيئن يقين ٿي سگهي ٿو. ان ڪري پيپلزپارٽي مڊٽرم جي حڪومت به قبول ڪري سگهي ٿي پر ڪجھ تجزئي ڪار انهن خيالن کي رد ڪن ٿا. ائين ڳالهيون ته ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جي علي امين گنڊاپور جي خلاف عدم اعتماد جون به هلي رهيون آھن، انهن ڳالهين ۾ هاڻي ڪي پي ڪي ۾ 25 مخصوص سيٽون مولانا فضل الرحمان ۽ حڪمران اتحاد کي ملڻ بعد شايد شدت اچي ڇو ته ان کان اڳ علي امين گنڊاپور جي حڪومت جي خاتمي لاء تمام وڏو منحرف ميمبرن جو باغي گروپ سامهون آڻڻو پوي ها پر هاڻي شايد ايترا ميمبر باغي ڪرڻ جي ضرورت نه پوي. پي ٽي آءِ عمران خان جي آزادي لاء ڪا وڏي تحريڪ هلائڻ ۾ ناڪام ٿيل آھي ۽ علي امين گنڊاپور ڪي پي ڪي جي بجيٽ عمران خان جي مشاورت کانسواءِ ئي منظور ڪرائي ڇڏي، جنهن بعد جيڪا پارٽي هلي ئي عمران خان جي نالي ٿي، ان پي ٽي آءِ مان مائنس عمران خان جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. پي ٽي آءِ مان شايد مائنس عمران خان ٿيڻ جو خواب رکندڙن جو خواب ايترو آساني سان پورو نه ٿي سگهي پر عاشوري بعد حڪومت خلاف تحريڪ جو خواب شايد عمران خان جو به پورو ٿي سگهي، ڇو ته پي ٽي آءِ ان وقت جنهن نموني اختلافن جو شڪار آھي، ان صورت ۾ حڪومت خلاف وڏي تحريڪ شروع ٿيڻ ڏکيو عمل آھي، ڇو ته عمران خان جي شريڪ حيات پيرڻي جيئن اوچتو سياسي طور جلد اڀري سامهون آئي، ائين ڊي چوڪ تي ڌرڻي ۾ ناڪامي بعد هو اوچتو منظر تان گم آھي. پي ٽي آءِ ۾ هن وقت قيادت جو فقدان آھي. ملڪ ۾ هن وقت سياست ڪمزور کان ڪمزور ٿي رهي آھي. عوامي مسئلن بابت ڪا پارٽي عوام جي پاسي ٿي بيٺل نظر نٿي اچي. نتيجي ۾ عام ماڻهو روز نئين چڪي ۾ پسيجي رهيو آھي. ان جو هڪ ننڍو مثال پيٽرول مصنوعات تي وصول ٿيندڙ ٽيڪس ئي ڪافي آھي.
اوهان کي ٻڌايان ته وفاقي حڪومت پهرين جولاءِ کان 15 جولاءِ تائين رڳو پنڌرنهن ڏينهن ۾ عوام کان پيٽرول تي مجموعي طور تي 43 ارب , 8 ڪروڙ ,25 لک ۽ هاء اسپيڊ ڊيزل تي 3 ارب , 30 ڪروڙ , 30 لک ,30 هزار روپيا ٽيڪس جي مد ۾ وصول ڪندي. پيٽروليم وزارت جي ذميوار ذريعن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو آھي ته ملڪ اندر روزانو هڪ اندازي مطابق 2 ڪروڙ 83 لک ليٽر پيٽرول وڪرو ٿيندو آھي. ان حساب سان پهرين جولاء کان 15 جولاءِ تائين پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 42 ڪروڙ 45 لک ليٽر پيٽرول وڪرو ٿيندو. حڪومت ٽيڪسز ۽ ڊيوٽيز جي مد ۾ في ليٽر پيٽرول تي عوام کان 101 روپيا 49 پيسا وصول ڪري رهي آھي. ان حساب سان حڪومت رڳو 15 ڏينهن ۾ عوام کان پيٽرول تي 42 ارب 8 ڪروڙ , 25 لک ,پنج هزار روپيا ٽيڪسن جي مد ۾ وصول ڪندي. ائين پنهنجي اخبار کي پيٽروليم وزارت جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آھي ته پاڪستان ۾ روزانو هڪ تخميني مطابق 23 لک هاء اسپيڊ ڊيزل وڪرو ٿيندو آھي. مطلب ته گهٽ ۾ گهٽ پهرين جولاءِ کان 15 جولاءِ تائين پاڪستان ۾ 3 ڪروڙ , 45 لک ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل وڪرو ٿيندو. حڪومت في ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي عوام کان 95 روپيا 74 پيسا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز جي مد ۾ وصول ڪري رهي آھي ان حساب سان حڪومت پنڌرنهن ڏينهن ۾ هاء اسپيڊ ڊيزل تي ٽيڪسن جي مد ۾ عوام کان 3 ارب 30 ڪروڙ ,30 لک,30 هزار روپيا وصول ڪندي. ائين منظور ٿيل بجيٽ سبب عوام جي چيلھ چٻي ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وئي آھي. عوام کي هر طرف کان جهٽڪا ئي جهٽڪا ملندا.