ڪراچي/حيدرآباد(بيورو رپورٽ/نمائندن وٽان) سنڌ جي سياسي، قومپرست، مذھبي جماعتن، وڪيلن ۽ صحافين پيڪا ايڪٽ کي ايوبي، ضيائي ۽ مشرف جي مارشل لا کان به وڌيڪ خطرناڪ پارلياماني مارشل لا قرار ڏيندي چيو آھي ته ملڪ ۾ اظھار راء جي آزادي، عدل، انصاف ۽ بنيادي انساني حقن جي آواز کي دٻائڻ لاءِ پيڪا ايڪٽ جو ڪارو قانون لاڳو ڪيو ويو آھي. اھڙي ڪاري قانون کي ڪڏھن به قبول نه ڪنداسين، پيڪا ايڪٽ جي خاتمي تائين جدوجھد جاري رھندي. اھڙو اظھار ھنن ڪالهه پي ايف يو جي جي سڏ تي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران پيڪا ايڪٽ 2025ع خلاف شروع ڪيل ٽن ڏينھن واري بک ھڙتالي ڪئمپ جي پڄاڻي تي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ لالا رحمان سمون چيو ته پيڪا ايڪٽ ھڪ ڪارو قانون آھي. جنھن خلاف صحافين جو ملڪگير احتجاج جاري آھي. جنھن ۾ سياسي سماجي ڌريون به شامل آھن. پيڪا ايڪٽ آڻي ھر شھري جي اظھار راءِ جي آزادي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پاڪستان جي اسٽبلشمينٽ سوشل ميڊيا جا جٿا تيار ڪيا. جيڪي اڳتي ھلي انھن جي ئي ڳچيءَ ۾ پيا ته ھاڻ انھن کي روڪڻ لاءِ پيڪا ايڪٽ آندو ويو آھي. ھن چيو ته ملڪ ۾ اھڙا قانون لاڳو ڪيا وڃن. جيڪي ھتي جي ماڻھن جي حقن جو تحفظ ڪن. ھن چيو ته ھن وقت پارليامينٽ موجود آھي. جتي مختلف سياسي جماعتن جي نمائندگي موجود آھي. انھن جي ھوندي پيڪا ايڪٽ پاس ٿيڻ پارليامينٽ جي مارشل لا لاڳو ڪرڻ آھي. ھن چيو ته 26 ھين آئيني ترميم جي صورت ۾ عدليا کي دٻائڻ جي سخت مخالفت ڪيون ٿا. ھاڻ سياسي جماعتن وٽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابه حد مقرر ناھي. ھن چيو ته ھي جدوجھد صرف صحافين جي نه پر ھي سياسي سماجي فرد جي آھي ۽ اھا جدوجھد پيڪا ايڪٽ جي خاتمي تائين جاري رھندي. حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر خالد کوکر چيو ته اميد ته سياسي، سماجي تنظيمون ۽ وڪيل پيڪا ايڪٽ خلاف اسان جو ھر قدم تي ساٿ ڏينديون. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر وسند ٿري چيو ته پيڪا ايڪٽ سڄي قوم جو مسئلو آھي. اھڙي قانون جيڪو عام ماڻھو جي مفاد ۾ نه ھجي. اھو قانون ڪڏھن به قبول ناھي. سنڌ جي ترقي پسند قوتن کي گڏيل اتحاد ڪرڻ جي ضرورت آھي. جيڪي گڏجي ڪري اھڙن ڪارن قانونن ۽ سنڌ سڪائڻ وارن منصوبن خلاف سگھاري جدوجھد ڪن. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينيئر وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي، نامياري قانوندان يوسف لغاري، جي يو آء ف جي اڳواڻ مولانا تاج محمد ناھيون، عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ بخشل ٿلھو ۽ ٻين چيو ته پيڪا ايڪٽ ذريعي عوام جي آواز کي دٻائڻ آھي. سڄي ملڪ ۾ انسانن جا بنيادي حق لتاڙيا پيا وڃن. سنڌو درياھ تي نوان ڪئنال ٺاھي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش تي ڪم ڪيو پيو وڃي. سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي، جماعت اسلامي جي اڳواڻ حافظ طاھر مجيد، عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ ڏاڏا قادر رانٽو، پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ رفيق مگسي چيو ته جيڪو به سچ ڳالھائيندو ان کي پيڪا ايڪٽ جي ڪوڙڪيءَ ۾ قيد ڪرڻ لاء ھي ايڪٽ آندو ويو آھي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ رمضان ٻرڙو چيو ته پيڪا ايڪٽ آڻي ملڪ کي ٻوڙو ۽ گونگو رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان سنڌ جي صوبائي سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال چيو ته ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي پيڪا ايڪٽ آندو ويو آھي. جنھن جو مقصد اظھار راء جي آزادي کي دٻائڻ آھي. اسان اھڙي قانون کي نٿا مڃون. ايڇ يو جي جي صدر وسيم خان، جنرل سيڪريٽري ڄام فريد لاکو ، اقبال ملاح، جاني خاصخيلي چيو ته ھي سماج ھاڻ رھڻ لائق ناھي رھيو. ھتي بنيادي انساني حقن نه رھيا آھن. تعليم، صحت ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي به نٿو ملي، ڇا عوام جو آواز بڻجڻ انھن جا ڏک درد رپورٽ ڪرڻ ڪو غلط ٿا ڪيون. حڪمرانن کي ھوش کان ڪم وٺڻ گھرجي. پيڪا ايڪٽ واپس وٺي آئين، پارليامينٽ جي بالادستي، اظھار راءِ جي آزادي، جمھوريت جي مضبوطي ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻايو وڃي. جدوجھد پيڪا ايڪٽ جي واپسي تائين جاري رھندي. بک ھڙتالي ڪئمپ کي سماجي اڳواڻ زيب النساء ملاح، صحافڻ سھڻي پارس ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ٻئي پاسي ٽنڊو محمد خان ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي ڊويزن جي اڳواڻ پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جي صدر رمضان شورو ، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ پير عاصم جان سرهندي، ڊاڪٽر جي ايم گل، شوڪت بروهي، ايڊووڪيٽ آر بي سولنگي ، ايڊووڪيٽ عنايت سهتو ، ايڊووڪيٽ رافع ميمڻ ، سول سوسائٽي جي سرفراز ٽالپر ، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ اعظم ڀٽي ، شاخ جي سيڪريٽري اعجاز جسڪاڻي ، قومي عوامي تحريڪ جي ونود ميگهواڙ ، عوامي تحريڪ جي هرچند لال، ايس يو پي جي عمران لغاري، امتياز نوناري، پ پ ش ڀ جي پير يونس جان سرهندي ، يونين آف جرنلسٽ جي صدر غلام نبي ڪيريو، سينيئر نائب صدر ذوالفقار چانڊيو ، جنرل سيڪريٽري غلام قادر شورو، سينيئر صحافي امتياز مڱريو، پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري مظفر رند، نوجوان صحافي شعيب ڪيريو ، اڪبر مڱڻهار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽئين ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. سکر ۾ پي ايف يو جي. جي سڏ تي سکر يونين آف جرنلسٽ پاران پيڪا ايڪٽ خلاف ٽئين ڏينهن به بک هڙتال جاري رهي. صحافين، وڪيلن، واپارين توڙي سول سوسائٽيءَ جي ماڻهن بک هڙتالي ڪئمپ ۾ شرڪت ڪئي.