اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پارليمينٽ ميمبرن جي پگهار ۽ الائونسز ترميم بل سينيٽ منظور ڪري ورتو. ترميم کانپوءِ الائونسز ۽ پگهارن جي منظوري ايوان جي فنانس ڪاميٽي ڏيندي. بل سينيٽ جي منظوري بعد قومي اسيمبلي ويو هيو. بل قومي اسيمبلي جي ترميم کانپوءِ سينيٽ ۾ ٻيهر منظور ٿيو. ترميم کانپوءِ الائونس ۽ پگهارن جي منظوري ايوان جي فنانس ڪاميٽي ڏيندي. اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته جيڪي ميمبر اضافي پگهار نٿا وٺڻ چاهين اُهي سيڪريٽريٽ کي لکت ۾ آگاهي ڏين. سينيٽ بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. حڪومتي ميمبرن بل جي حق ۾ ووٽ ڏنو. سيدال خان ناصر چيو ته مخالف ڌر جي بينچز تي موجود سينيٽرز خاموش آهن. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، همايون مهمند ۽ محسن عزيز چيو ته اسان بل جي خلاف آهيون. اعظم نذير تارڙ چيو ته جيڪي ميمبر اضافي پگهارون نٿا وٺڻ چاهين اُهي سيڪريٽريٽ کي لکت ۾ آگاهي ڏين. ڪامران مرتضيٰ چيو ته سينيٽ سيڪريٽريٽ کي لکي ڏئي ڇڏيندس. دنيش ڪمار چيو ته جڏهن بل پيش ڪرڻ لاءِ آڻي رهيو هئس تڏهن هِن تي پي ٽي آءِ جي ميمبرن صحيح ڪئي هئي. سينيٽ اينٽي ريپ تحقيقات ۽ ٽرائل ترميم بل منظور ڪري ورتو. بل سينيٽر همايون مهمند پيش ڪيو. بل ۾ چيو ويو آهي ته هر پوليس آفيسر ريپ سبب متاثر شخص کي حڪومت جي ريڪنائزڊ ليب مان ٽيسٽ ڪرائيندو. ڊي اين اي سيمپل 72 ڪلاڪن ۾ ورتا ويندا. پوليس فرض ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ته اُن تي 3 سال سزا ۽ ڏنڊ هوندو.