اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ مان منظور ٿيل عدالتي سُڌارن وارو بِل عدالت ۾ چيلنج ڪيو ويو، وڪيل سعيد آفتاب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سُپريم ڪورٽ جا رولز ٺاهڻ جو اختيار رڳو عدالت وٽ آهي، اُن حوالي سان قانونسازي بدنيتي تي ٻڌل آهي، آئين جي آرٽيڪل 70 تحت ايڪٽ آف پارليامينٽ وسيلي سُپريم ڪورٽ جي اختيارن کي محدود نٿو ڪري سگهجي، سُپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرل ايڪٽ ۾ ترميم وارو بِل ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي، حڪومت گذريل ڏينهن پارليامينٽ مان عدالتي سڌارن وارو بِل منظور ڪرايو هو.