اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن جي جسماني رمانڊ خلاف داخل درخواستن تي فيصلو ٻڌايو ويو. عدالت دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي سمورن اسيمبلي ميمبرن کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ دلچسپ رمارڪس ڏيندي چيو ته ايف آءِ آرز جي اسٽوري جنهن ٻڌائي آهي ان تي فلم ٺهي سگهي ٿي، وڏي عرصي کانپوءِ ڪاميڊي ڏيڻ لاءِ ملي آهي. هي اسلام آباد پوليس آهي يا رضيه جيڪا گنڊن ۾ ڦاسي پئي. تحريڪ انصاف جلسي بعد داخل ڪيسن ۽ گرفتارين جي حوالي سان داخل درخواستن تي چيف جسٽس  عامر فاروق ۽ جسٽس رفعت امتياز ٻڌڻي ڪئي. چيف جسس عامر فاروق پراسيڪيوٽر جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته هي اسٽوري جنهن به ٺاهي آهي مزيدار قسم جي ڪهاڻي آهي جنهن تي فلم ٺهي سگهي ٿي، هن ايف آءِ آر جو منصف به دلچسپ آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته شعيب شاهين تي پسٽل هنيو ويو ڇا شهيب شاهين کي نٿو سڃاڻان؟ پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته شعيب شاهين کان ڏنڊو برآمد ٿي ويو آهي. جنهن تي ڪمري عدالت ۾ ٽهڪ گونجي اٿيا. پراسيڪيوٽر وڌيڪ چيو ته شير افضل مروت وٽان پسٽل برآمد ٿيو آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته چار ڏينهن ٿي ويا آهن اوهان کي جيڪو ڪرڻو هيو ڪري ڇڏيو. اهن ڪيس ۾ مذاق جهڙا الزام لڳايا ويا آهن ۽ 8 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو ويو آهي. اوهان عجيب عجيب ڳالهيون لکيون آهن. ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ڪهڙي طرف وڃي رهي آهي. مٿان وري اوهان پارليمينٽ ۾ گهري اسيميبلي ميمبرن کي کنيو آهي. ڪٿي آهي اها آزادي ۽ ڪٿي آهي قانون؟ وڪيل عادل عزيز قاضي دليل ڏيندي چيو ته اسان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ضمانت جي درخواست ڏني پر نه ٻڌي وئي. جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مختصر آرڊر هاڻي ڪري ڇڏيون ٿا. ته جئين اوهان کي رليف ملي سگهي. چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته پارليامينٽ سمورن ادارن جي ماءُ آهي ۽ اوهان پارليامينٽ اندر گهڙي ميمبرن کي گرفتار ڪيو، اسپيڪر قومي اسيمبلي پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي، عدالت به معاملو ڏسي سگهي ٿي، جسٽس ثمن رفعت چيو ته جن پوليس آفيسرز هي ڪيس داخل ڪيو آهي انهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته ڪهڙي تربيت ٿي آهي. چيف جسٽس عامر فاروق اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين جي جسماني رمانڊ جي خلاف درخواستن تي فيصلو محفوط ڪري ورتو جنهن بعد عدالت فيصلو ٻڌائيندي ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي سمورن اسيمبلي ميمبرن کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.