اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پهرين سال ۾ موجود پارليامينٽ جي 12 هين سيشن ۾ اسيمبلي ميمبرن جي حاضري ڪارڪردگي تي فافن جائزه رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. جاري ڪيل رپورٽ مطابق قومي اسيمبليءَ جي 12 هون سيشن 13 کان 23 جنوري 2025 تائين جاري رهيو. جنهن ۾ ايوان جا 9 اجلاس ٿيا. سمورن اجلاسن ۾ رڳو 36 ميمبرن شرڪت ڪئي، 35 ميمبرن ڪنهن به اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي. سيشن جي نائين اجلاس ۾ سڀ کان وڌيڪ 241 (68 سيڪڙو) اسيمبلي ميمبرن جي حاضري رهي. سيشن جي پنجين اجلاس ۾ گهٽ ۾ گهٽ 117 (37 سيڪڙو) ميمبرن شرڪت ڪئي اتي 277 ميمبر (82 سيڪڙو) هئا جن گهٽ ۾ گهٽ هڪ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي، 9 مان 8 اجلاسن ۾ عورتن جي شموليت جي شرح مردن کان مٿي رهي. 96 ايم اين ايز درخواستون ڏيڻ کان پوءِ موڪلن تي رهيا، 181 ميمبر باضابطه درخواستن ڏيڻ کانسواءِ نه آيا. مسلم ليگ ن، سني اتحاد ڪائونسل، پيپلز پارٽي جي اڪثريتي ميمبرن اڌ کان وڌيڪ اجلاسن ۾ موجود رهيا. مسلم ليگ ن جي 13 سيڪڙو، سني اتحاد ڪائونسل جي 8 سيڪڙو، پيپلز پارٽي جي 11 سيڪڙو ميمبرن جي حاضري 100 سيڪڙو رهي. اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران 20 وزيرن جي حاضري جي ضرورت هئي پر رڳو 6 وزير سمورن اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي. پنج وزيرن ڪنهن به اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي، 9 وزيرن گهٽ ۾ گهٽ هڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سمورن وزيرن ۾ رڳو هائوسنگ وزير سڀني اجلاسن ۾ موجود رهيو، صنعت واري وزير ۽ آءِ ٽي واري وزير جي حاضري 89 سيڪڙو رهي. سامونڊي معاملن واري وزير جي حاضري 78 سيڪڙو رهي. وزيراعظم رڳو 2 اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي، مخالف ڌر جي اڳواڻ سمورن اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي. پارلياماني اڳواڻن ۾ سني اتحاد ڪائونسل ۽ مجلس وحدت مسلمين جا اڳواڻ سمورن 9 ئي اجلاسن ۾ حاضر رهيا. مسلم ليگ ن جا پارلياماني اڳواڻ 6 اجلاسن ۾ حاضر رهيا. پ پ، جي يو آءِ ۽ بي اين پي جي پارلياماني اڳواڻن ڪنهن هڪ به اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي.