لاهور (م ڊ) جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سياستدانن کي غلط روين سان پارليامينٽ بي معنيٰ بڻجي وئي. مان هميشه چوندو آهيان ته سياستدانن کي جيل اندر نه هئڻ گهرجي، پي ٽي آءِ جي مطالبن جي خبر نه آهي، خواهش آهي ته سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ٿين، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ ڌانڌلي کان پاڪ اليڪشن جي ضرورت آهي، سياستدانن جي روين سبب اڄ پارليامان بي معنيٰ ٿي ويو آهي، جيڪڏهن ڪو به پنهنجي حدون اورانگهي ته رويي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، 26هين آئيني ترميم تي رڳو جي يو آءِ ڳالهيون ڪيون، ڊونلڊ ٽرمپ کي ڇو پنهنجي دماغ تي سوار ڪيو آهي، آمريڪا هتان شڪست کائي ڀڄي چڪو آهي، مارشلائن خلاف وڙهيو آهيان۽ وڙهندو رهندس، ادارا پنهنجي مرضي جي حڪومت ٺاهڻ چاهين ٿا.