اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي، دوران جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته منهنجي راءِ ۾ پارليامينٽ نه، پر پاڪستان جو آئين سپريم آهي، سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بئنچ جسٽس امين الدين خان جنهن جي سربراهي ۾ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ بچاءُ واري وزارت جي وڪيل خواجه حارث پنهنجا دليل پيش ڪيا. ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته آرمي ايڪٽ فوج کي ڊسيپلن ۾ رکڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. خواجه حارث چيو ته ڪو به قانون ڪيئن ۽ ڪنهن تي لاڳو ٿيندو، اهو طئي ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي. جسٽس مسرت هلالي سوال ڪيو ته ڇا فوجي عدالتون آرٽيڪل 175 جي دائري ۾ اچن ٿيون؟ ڇا فوجي عدالت به عام عدالت وانگر ساڳيو معيار هوندو آهي؟ وڪيل خواجه حارث چيو ته آئين جي آرٽيڪل 8(3) ۾ بنيادي حقن مان ڇوٽ ڏنل آهي، پر سوال اهو آهي ته اها ڇوٽ رڳو آرمڊ فورسز تائين محدود آهي يا ان جو دائرو عام شهرين تائين وڌائي سگهجي ٿو؟ عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 7 اپريل تي مقرر ڪئي آهي.