لاهور(م ڊ) پنجن سالن واري نااهلي جي قانون کي به لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينيٽ اسيمبلي ميمبر جي اهليت لاءِ مدت مقرر نٿي ڪري سگهي. جنهن سان پي ٽي آءِ جي باني لاءِ هڪ اميد پيدا ٿي پئي آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنج سال نااهلي واري قانون خلاف ميان شبير اسماعيل، اظهر صديق ايڊووڪيٽ معرفت درخواست داخل ڪئي وئي، درخواست ۾ سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ اليڪشن ڪميشن سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ايڪٽ شق 232 سادي اڪثريت سان پارليامينٽ مان منظور ڪئي، آئين تحت اليڪشن ايڪٽ ۾ سادي اڪثريت سان قانون سازي نٿي ڪري سگهي. داخل درخواست ۾ چيو ويو ته پارليامينٽ اسيمبلي ميمبر جي اهليت لاءِ مدت مقرر نٿي ڪري سگهي، عدالت اليڪشن ايڪٽ جي شق 232 ڪالعدم قرار ڏي ۽ پنجن سالن جي نااهلي واري قانون کي ڪالعده قرار ڏنووڃي. آرٽيڪل 62 ون ايف کي آئين سان الڳ ڪري اڪيلو نه ٿو پڙهي سگهجي.