اسلام آباد (م ڊ) پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته پارليامينٽ اشرافيا وچ ۾ تڪرار ۾ ڌر بڻجڻ کان پاسو ڪري. پنهنجي بيان ۾ رضا رباني چيو ته پاڪستان مختلف بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هڪ بحران حڪمران اشرافيا جي اندر تضاد آهي، حڪمران اشرافيا جي اندر تضاد جون تاريخي پاڙون آهن، پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي سياسي ايجنڊا کي هٿي ڏيڻ لاءِ عدليا جي حمايت وٺندي آهي هن چيو ته ملڪ جي ورهايل سياسي ماحول حڪمران اشرافيا جي وچ ۾ برابري کي متاثر ٿيو، اشرافيا وچ ۾ تضاد رياستي ادارن جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪري رهيو آهي، ان تضاد جي عوام سامهون نمائش نازڪ سياسي نظام تي گهرا ڇاپا ڇڏيا آهن. سندس چوڻ هو ته وفاقي پارلياماني نظام ۾ اشرافيا وچ ۾ تڪرار تي ٽياڪڙ پارليامينٽ هوندي آهي، پارليامينٽ اشرافيا وچ ۾ تڪرار ۾ ڌر بڻجڻ کان پاسو ڪري. هن چيو ته سينيٽ جي سڄي ايوان تي ٻڌل ڪميٽي صورتحال کي بهتر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، آئين کي هڪ اداري جي ٻئي اداري ۾ معاملن ۾ مداخلت لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، اهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جتي قانون جي حڪمراني ختم ٿي وئي آهي. اڳوڻي سينيٽ چيئرمين چيو ته انتظامي ۽ سياسي عدم استحڪام پيدا ٿي ويو آهي، معاملن جو حل ڳالهيون آهن.