اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا آهن ته پارليامينٽ اربين رپين جا ڪرپشن ڪيسز ختم ڪري ڇڏيا، جڏهن هوش ايندو ته دير ٿي چڪي هوندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني نيب جي اختيارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته نيب ڪرپشن ڪيس جي انڪوائري شروع ڪرڻ کان اڳ ڏسي به وٺي ته هاڻي جاچ ڪري به سگهندو يا نه؟ هن چيو ته پارليامينٽ اربين رپين جي ماليت جا ڪرپشن ڪيسز ختم ڪري ڇڏيا، جڏهن پارليامينٽ کي هوش ايندو تڏهن تمام گهڻي دير ٿي چڪي هوندي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته هاڻي بغير ڏندن وارو نيب موج مستيون ڪري ته ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهو به انجواءِ ڪن، هن چيو ته هڪ سئو کان وڌيڪ وڏا ڪرپشن ڪيسز ختم ٿي چڪا آهن ۽ ڪرپشن ڪيسز جا جوابدار پرڏيهه به هليا ويا آهن.