اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته قانونسازي سان منصفاڻو ۽ شفاف نظام ڏنو ويو آهي، پارليامينٽ پنهنجي آئيني اختيارن جي تحفظ جي لاءِ آخري حد تائين ويندي، پارليامينٽ پنهنجي آئيني حقن جو ڀرپور تحفظ ۽ دفاع ڪرڻ جو حق رکي ٿي، پارليامينٽ جو قانونسازي جو آئيني اختيار ڪو به کسي نه ٿو سگهي، هن چيو ته عدليه جو اختيار آئين ۽ قانون جي تشريح ڪرڻ آهي، آئين ”ري- رائيٽ“ ڪرڻ يا قانونسازي جي اختيار تي پابندي لڳائڻ عدليه جو اختيار نه آهي، پارليامينٽ وڪيل برادري، بار ڪائونسلن ۽ ايسوسيئيشنز جي پراڻي مطالبي تي قانونسازي ڪئي، آرٽيڪل 184 ٽي بابت قانونسازي سان عدليه جي اختيارن، آزادي ۽ خودمختياري ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪئي وئي آهي، ان قانونسازي سان ”ون- مين- شو“ ۽ ”امپيريل- ڪورٽ“ جهڙا اعتراض ختم ڪيا ويا آهن، سپريم ڪورٽ جا ٽي سينيئر ترين جج مشاورت سان اهو اختيار استعمال ڪندا.