اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته مالي سال 24/2023 لاءِ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي اثاثن ۽ واجبات جا گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 31 ڊسمبر 2024 آهي، اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 137 تحت پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي سڀني ميمبرن لاءِ اهو لازمي آهي ته هو پنهنجي گهرواري ۽ ڪفالت هيٺ ٻارڙن جي اثاثن ۽ واجبات جا گوشوارا براءِ مالي سال 24/2023 لاءِ تجويز ڪيل فارم بي جي صورت ۾ جمع ڪرائيندا، مقرر تاريخ تائين گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جي رڪنيت معطل ٿيندي ۽ نالا شايع ڪيا ويندا. هوڏانهن  اليڪشن ڪميشن سني اتحاد ڪائونسل سميت ٻين سياسي پارٽين کي ساليانو گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري مهلت ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ اسيمبلي جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 2 رڪني ڪميشن 48 سياسي پارٽين کي سالياني گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تي طلب ڪرڻ واري معاملي جي ٻڌڻي ڪئي. استحڪام پاڪستان پارٽي، پي ٽي آءِ نظرياتي، ايم ڪيو ايم ۽ بلوچستان عوامي پارٽي سميت ٻيون ڪيتريون ئي پارٽيون اليڪشن ڪميشن آڏو پيش نه ٿيون. سني اتحاد ڪائونسل، پختونخوا ملي عوامي پارٽي، گرين ڊيموڪريٽڪ پاڪستان، پاڪ ڊفينس مومينٽ، بي اين پي مينگل، عام آدمي تحريڪ پاڪستان ۽ ٻيون سياسي پارٽيون اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيون. سنڌ ميمبر اليڪشن ڪميشن جي عملدارن کان سوال ڪيو ته اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪري سگهي ٿي؟ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن جواب ڏنو ته اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جا چونڊ نشان واپس وٺي سگهي ٿي. مختلف سياسي پارٽين سالياني ريٽرن جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت جي درخواست ڪئي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي سالياني ريٽرن جمع ڪرائڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي. بعد ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.