اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران جي درخواست تي سپريم ڪورٽ پاران سوال ڪيو ويو هو ته احتساب عدالت جي دائري اختيار محدود هجڻ سان ريفرنس ڪهڙي عدالت منتقل ٿيندو؟ جنهن تي حڪومتي وڪيل مخدوم علي خان عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو، حڪومتي جواب ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۾ پارليامينٽ جو ميمبر هجڻ ڏوهه ناهي، عدالتي سوال جو جواب ڏوهه جي نوعيت تي ڀاڙي ٿو، الزام جي نوعيت ڏسي پارليامينٽ ميمبرن جا ڪيس ڪنهن ٻئي فورم تي موڪلي سگهجن ٿا، انڪوائري يا انويسٽيگيشن جي سطح تي چيئرمين نيب پاڻ لاڳاپيل فورم کي ڪيس ريفر ڪري سگهي ٿو، داخل ٿيل ريفرنس کي عدالت نيب جي معاونت سان لاڳاپيل فورم تي موڪلي سگهي ٿي، مني لانڊرنگ ڪيس مني لانڊرنگ ٽوڙ ايڪٽ ۾ ٻڌايل ادارن کي منتقل ٿيندا، دائري اختيار مان خارج ڪيس ڪرپشن جي خاتمي جي صوبائي ادارن کي موڪلي سگهجن ٿا.