بدين (رپورٽر)ڪجھه سال اڳ حيدرآباد ۾ مبينا فوت ٿي ويل پارس شاھ جي سهري ۽ سس پاران ايوان صحافت بدين اڳيان آحتجاج ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، منهنجو ناٺي جو  پنهنجي ئي گهر اندرطبي موت ٿيوقتل جي ڪوڙي الزام ۾ منهنجي نياڻي ۽ پٽ کي ڦاسايو ويو آهي سانگهڙ پوليس پاران گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ڇھه مهينا ٿي ويا آهن، چالان پيش نه ڪيو ويو آهي ۽ منهنجي نياڻي کان سندس معصوم چئن سالن جي  ٻارڙي ڪشف فاطمه به کسي وئي آهي ننڍڙي نياڻي کي پنهنجي ماءُ سان ملڻ نٿو ڏنو وڃي، ھن چيو ته هڪ  سال اڳ سندن نياڻو پارس شاھ  جيڪو حيدرآباد ۾ رهندو هو جنهن جو گھر ۾ طبي موت ٿيو هو پرقتل جو  الزام هڻي منهنجي پٽ ديدار شاھ ۽ نياڻي امام زادي فرزانه شاھ کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي ۽ سانگهڙ پوليس منهنجي پٽ ۽ هڪ ويجهي رشتيدار اسرار شاھ کي گرفتار ڪري وئي آهي جن کي 6 مهينا جيل ۾ گذرڻ باوجود به چالان پيش نٿو ڪيو وڃي انصاف ڪيو وڃي