پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي علائقي ڪرم ۾ پرتشدد واقعن کانپوءِ ڪيترن ئي ڏينهن کان مکيه رستا بند هجڻ سبب دوائن ۽ ٻين ضروري شين جي کوٽ سبب 100 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن. ميڊيا رپورٽس موجب، پارا چنار ۾ اڍائي مهينن دوران رورڊ، رستن جي بندش خلاف شهرين جو ڌرڻو ڇهين ڏينهن به جاري آهي. ان ڏس ۾ اپر ڪرم تعلقي جي چيئرمين آغا مزمل جو چوڻ آهي ته رستا بند هئڻ سبب شهري خوراڪ ۽ علاج کان مرحوم آحن، علاج جون سهولتون نه ملڻ سبب 100 کان وڌيڪ ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن تڪڙا قدم نه کنيا ويا ته وڏو انساني سانحو ٿي سگهي ٿو.