پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ امن امان جي قيام لاءِ امن جرڳي ۾ هڪ ڌر طرفان معاهدي تي صحي نه ڪيون، جنهن سبب جرڳو هڪ دفعو ٻيهر بنا نتيجي ختم ٿي ويو، اڄ به جرڳي جو امڪان آهي. ذريعن موجب امن معاهدي تي هڪ ڌر اڳ ئي صحي ڪري چڪي آهي ٻئي ڌر طرفان صحي ڪرڻ کانپوءِ امڪاني طور تي اڄ معاهدي کي قطعي شڪل ڏني ويندي. جرڳي ميمبر جو چوڻ هو ته اربع تائين مهلت گهري هئي پر جرڳو اڄ ئي گهرايو ويو. حاجي ملڪ ثواب خان جو چوڻ آهي ته جرڳو جلد ڪنهن نتيجي تي پهچي ويندو، حڪومت جرڳي لاءِ اربع جو ڏينهن رکيو هو. ٻنهي ڌرين مورچا خالي ۽ ڊاهڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ ڌر کي افغان بارڊر مان طالبان جي حملن جو خدشو آهي ان ڪري انهن هٿيار جمع نه ڪرايا، معاملا جلد طئي ڪرڻ ۽ روڊ کولڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.