پشاور (م ڊ) پارا چنار ويندڙ قافلي تي دهشتگردن جي حملي بعد گم ٿيل 4 ڊرائيورز جا هٿ ۽ پير ٻڌل لاش هٿ، حملي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ اهلڪار به دم ڏئي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن پارا چنار ويندڙ قافلي تي دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ اهڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا هئا، وڌيڪ هڪ اهلڪار دم ڏنو، گم ٿيل 4 ڊرائيوز جا به هٿ ۽ پير ٻڌل لاش مليا آهن، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪرم جو چوڻ آهي ته ڪرم کان بگن ويندڙ ٽئين امدادي قافلي تي دهشتگردن راڪيٽن سان حملا ۽ فائرنگ ڪئي، قافلي ۾ شامل ٽن گاڏين کي نقصان پهتو، سڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد ماريا ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا.