حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پارا چنار سانحي تي افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي ته اهو واقعو وحشت ۽ درندگي جي علامت آھي. اسلام انسانيت جو دين آھي. ھڪ انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل آھي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته پارا چنار درندگي ڏھاڪن جي انتھاپسندي جو نتيجو آھي. ملڪ ۽ عوام کي بچائڻو آھي ته سني ۽ شيعو ٿيڻ بدران انسان ٿيون. پارا چنار واقعو حڪومت ۽ ادارن جي نااهلي ۽ ناڪامي جو نتيجو آھي. دھشتگرد منصوبي لاءِ قاتلن وڏي منصوبابندي ڪئي ھوندي. ان بابت اسان جي ادارن کي ڇو خبر پئجي نه سگھي؟ هن چيو ته حڪومت کي رڳو ڪرپشن ياد آھي. ڪرپشن ۽ دھشتگردي ھڪ سڪي جا ٻه پاسا آھن. جيڪڏھن ڪرپٽ وزير گرفتار ڪيا وڃن ته دھشتگردي جي زنجير ٽٽي ويندي پر افسوس جو ڪنھن به ڪرپٽ وزير ۽ بيورو ڪريٽ خلاف ڪا ڪارروائي نٿي ٿئي جنھن جي نتيجي ۾ پارا چنار سانحي جنم ورتو آھي.