ڪراچي (نمائندن وٽان) پارا چنار واقعي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ مجلس وحدت مسلمين طرفان عمران علي چانڊيو، زوار سجاد علي ڪٽپر، محبوب علي شيخ، بابر علي شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. قمبر ۾ مجلس وحدت المسلمين طرفان سيد رياض حسين شاهه، سيد مجاهد حسين شاه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ڪنڌڪوٽ ۾ جميل ساجدي، مير فائق علي خان جکراڻي، فقير نظير احمد ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. دادو ۾ شعيه علماءِ ڪائونسل ، اصغری علم و عمل پاران الطاف حسين سخيراڻي، قمر عباس ، مشتاق حسيني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مرڪزي امام بارگاھ حيدري کان دادو پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٺٽي ۾ شيعان حيدر قرار پاران شاھ نجف امام بارگاھ مان مولوي فدا حسين فردوسي، ڊاڪٽر عبدالحسين شاھ، سيد طالب حسين شاھ، نعيم قريشي ۽ مجتبيٰ خشڪ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڄامشوري ۾ شيعا علما ڪائونسل طرفان مولانا حاڪم علي عارفي مولانا شعيب علي سيد تاج علي شاھ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٽنڊوالهيار شيعه علماءِ ڪائونسل ضلعي پاران پرويز سمون ۔ حاجي فرحان پتافي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جامع مسجد کان چمبڙ روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ننگر پارڪر ۾ شعيا علماءِ ڪائونسل جي سڏ تي مولانا ابراهيم قمي ۽ الهرکيو کوسو جي ڳواڻي ۾ مرڪزي امام بارگاهه کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، بودر فارم ۾ ڏنگو فارم کان انجمن غلام مهدي ۽ اصغريه آرگنائيزيشن جي سڏ تي عاشق علي مهدوي، غلام عباس بوترابي، غلام نظير مري ۽ مير جواد ٽالپر جي اڳواڻي ۾ مرڪزي مسجد الحسيني مان ريلي ڪڍي حيدري چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، تلھار ۾ مجلس وحدت مسلمين ۽ شعيا علماءِ ڪائونسل جي سڏ تي ارشاد علي ڪھيري، مصطفيٰ گاڏھي، نعيم خواجا، سيد منتظر عباس رضوي، آفتاب خواجا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ جھنڊا کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو، ڏيئي ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل پاران تعلقه ٽنڊوباگو جي اڳواڻن سيد قمبرعلي شاهه، مولوي عابد حسين ملاح، نورمحمد ملاح، عباس علي ۽ ارشد علي جي اڳواڻي ۾ اڊوڙي ٽيل تي ٽنڊوباگو جهڏو روڊ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٽنڊوباگو ۾ خواجا اثناءِ عشري جماعت پاران سڪندر علي خواجا، انتظار مهدي خواجا ۽ مولوي سڌير حسين جي اڳواڻي مسجد معصوميه کان ريلي ڪڍي ٽنڊوباگو پريس ڪلب چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميرواهه گورچاڻي ۾ اصغريه آرگنائيزيشن جي سڏ تي مرڪزي مسجد امام زين العابدين مان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، ٿاڻي احمد خان ۾ انجمن سيد حيدر شاه ڪاظمي طرفان سيد غلام شاه ڪاظمي، حسين شاھ ڪاظمي، ممتاز خاصخيلي، لال محمد خاصخيلي ۽ ٻين پاران اهتجاج ڪيو ويو، ڀٽ شاھ ۾ اصغريه ڀٽ شاھ پاران نماز جمعه کان پوءِ درگاھ حضرت شاھ عبدللطيف تان پارا چنار واقعي خلاف عاطف مھدي سيال، جمشيد احمد مري، سيد دانيال ڪاظمي، مجاھد حسين شيخ، عبد علي خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ھالا ۾ مجلس وحدت المسلمين ھالا پاران ھالا قومي شاھراھ بند ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ،مظاھرين مولوي سيد عباس شاھ، مولوي اعجاز عمراڻي ۽ ٻين عورتن ۽ مردن جي اڳواڻي ۾ قومي شاھراھ بند ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، سن شھر ۾ پاراچنار واقعي خلاف سن شيعا علمان ڪائونسل تعلقا مانجھند جي صدر عبدالحميد کماڻ مولانا علي بخش الحسيني غلام رسول عرف شولي خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، گمبٽ ۾ اهلتشيع پاران پارا چنار ۾ ٿيندڙ دهشتگردي خلاف مولوي ذوالفقار مفڪري، استاد قادر بخش جوڻيجو، مختيار حسين منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪنڌرا ۾ مسجد علي اصغر ٻاھران شيعا تنظيمن جي سڏ تي پاراچنار۾ دھشتگردي واري واقعي خلاف مولانا عاشق علي نجفي،مير غلام صادق،الله وسايو ڪانڌڙو ۽غلام قاسم ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، پيروسڻ ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻن مولوي گدا حسين حاجاڻو آغا منور حسين جعفري ضمانت علي چانڊيو جي اڳواڻي م پاره چنا م بي دردي سان قتل ڪيل خلاف علامه گدا لله حسين، آغا منور جعفري، آغا زمانت چانڊيو، مولوي بشير مجيداڻو، زوار بشارت چوھاڻ، زوار مختيار احمد شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، پاراچنار ۾ ٿيل دهشتگردي واقعي خلاف خانپورمهر ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل پاران مولانا اختر علي لنڊ، عبدالجبار حسيني، معشوق علي سمون، محمد خان انڍڙ، محمد نواز سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پنج گلي چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٽنڊو مستي خان ۾ اھلتشيع پاران ضلعه ڪرم پارا چنار جي مسافرن ٻارڙن عورتن ۽ بزرگن کي شھيد ڪرڻ واري عمل خلاف مولوي ڪفايت حسين مري ، جمن خان مري ، زوار سليم رضا مري ، محمد باقر مري ، ڊاڪٽر محمد اسحاق اڄڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، شاهپورچاڪر ۾ پارا چنار ۾ دهشتگردي واقعي خلاف مولانه صالح شر منظور رند شمن کوکر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مورو جي انجمن حسيني پاران پارا چنار ۾ ٿيندڙ ظلم خلاف مرڪزي امام بارگاھ حسيني کان مورو پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنھن ريلي جي اڳواڻي علاما دوست محمد چنا، تصوير لغاري، جاويد مصطفي’ ڪانڌڙو، شهزاد سرهيو ۽ ٻين ڪئي، شيعا علماءِ ڪائونسل پاڪستان يونٽ بڇيري پاران پاراچنار ۾ مسافرن جي قتل عام خلاف مرڪزي امام بارگاهه کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، مظاهرين کي شيعه علماءِ ڪائونسل پاڪستان سنڌ جي اڳواڻن ، مولانا باقر علي، دانش حيدري، صدرالدين زرداري، مولانا روشن علي زرداري ۽ ٻين ڪيو، ٻانڌي ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل پاڪستان يونٽ ٻانڌي پاران پاراچنار ۾ مسافرن جي قتل عام خلاف ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي غلام رضا مري فضل حسين مري مسرور احمد مري ۽ ٻين ڪئي، رتيديري ۾ مولانا ناصر مهدر قمي ، مولانا سعادت علي سمون ، عبدالرزاق جلباڻي ، مولانا راشد علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. گاجي کهاوڙ ۾ شيعا علما ڪائونسل طرفان ڪاظم رضا، فرمان حسين، سعيد حيدر انعام علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار پارا چنار واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي انتظاميه واقعي ۾ ملوث جوبدارن کي قانوني جڪڙ ۾ آڻي سخت سزا ڏئي.