ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ مختلف کاتن ۾ بدلين ۽ مقررين تي پابندي باوجود آرڊر جاري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، 15 آگسٽ تي اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي سمورن سرڪاري کاتن ۾ بدلين ۽ مقررين تي پابندي بابت چيف سيڪريٽري پاران کاتن کي هڪ سرڪيولر جاري ڪري پابندي بابت آگاهي ڏني وئي هئي، پر ذريعن موجب ته اهڙي پابندي لاڳو هجڻ جي باوجود به تعليم، صحت، ڪاليج ايجوڪيشن ۽ ٻين کاتن، مڪاني ادارن، آبپاشي سميت ٻين کاتن ۾ ڪيترن ئي ملازمن جا بدلين ۽ مقررين جا نوٽيفڪيشن جاري ٿيا آهن، اهڙو معاملو سامهون اچڻ کان پوءِ چيف سيڪريٽري پاران نوٽيس وٺي سڀني کاتن جي سيڪريٽرين کان بدلين ۽ مقررين جا تفصيل گھرائي ورتا آهن. چيف سيڪريٽري جي هدايتن کان پوءِ سروسز اينڊ جرنل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين خط لکي تفصيل جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.