هونئن ته سياست عبادت جيان آهي، پر اسان وٽ سياست جو جيڪو عام تصور آهي، اُهو آهي: “ويهي وڏي ڍِڳَ مان، ڌُڻي وِجهج ڌُوڙ”. “چُونڊيل” لاءِ هڪ لفظ استعمال ٿيندو آهي ۽ اهو آهي، “ڌُڻيل”. البته چُونڊيل ۽ ڌُڻيل ۾ فرق ضرور آهي. اقتداري ايوانن جي غُلام گردشن ۾ ‘کڙ ڪُتر’ ٿيندڙ نمائنده چُونڊيل نه پر حقيقت ۾ ڌُڻيل آهن. چُونڊيل ۽ ڌُڻيل ۾ ايترو فرق آهي، جيترو ‘اليڪٽيڊ’ ۽ ‘سليڪٽيڊ’ ۾ آهي. اُهي ‘راولان دا پِنڊ’ واري در عُرف گيٽ جا ٻانها آهن. اِهي اُن در تان ڌُڻيل آهن. سياست جي ان حمام ۾، ووٽ جي ڪهڙي اهميت آهي، ان لاءِ احمد شاهه دُراني جي پونئير جا اهي لفط ئي اندازي لڳائڻ لاءِ ڪافي آهن، جنهن ۾ هُن ووٽرن کي چيو هو ته، اوهان جي ووٽن تي آئون “ڊيسائي ڪولا” وِجهان! (هِتي مُرار جي ڊيسائيءَ واري مرغوب مشروب جي ڳالهه علامت طور ڪيل آهي). هن ملڪ ۾ ووٽ هڪ افساني جي ان بي اولاد عورت ڪردار جي ڳالهه وانگر آهي، جيڪا پنهنجي “بي ضرر” مُڙس کي چوي ٿي ته، هڪ ڀيرو تُون اورانگهه، باقي ٻار آئون پاڻهي پيدا ڪنديس……اسان جي ملڪ ۾ ووٽ به اهڙي ئي اورانگهه جو نالو آهي. اُنهن کي صرف ووٽ واري اورانگهه کپي، باقي ڳَڀجڻ جا اسباب اُهي پاڻهي پيدا ڪري وٺندا.
جڏهن ڪنهن جي گهوڙِي وِيامندي آهي ته، هڪ ڪُوڙو افواهه پکيڙيو ويندو آهي، جيڪو هڪ سنئوڻ آهي. جڏهن ماڻهن کي ان ڪُوڙَ (افواهه) جي حقيقت جي خبر پوندي، ته چوندا: ڪنهن جي گهوڙِي وِيائي آهي. اسان جي سياستدانن جون گهوڙيون روز ٿيون وِيامن. بيانن جي صُورت ۾ افواهن جا اهڙا طُوفان، جو وڃي ٿيا خيرَ! جواز اهڙا، جو کِلَ ئي نه بِيهي. ڪڏهن چَون: مُلڪ جي انتظام ۽ استحڪام جو گولو سندن ڍَڳي جي سِڱَن تي بيٺل آهي. اُن سِڱ بدلايو ته، سياست ۾ زلزلا اچي ويندا. عوام جي ذهن ۾ زلزلا ته، تڏهن کان آيل آهن، جڏهن هِي “ٻاراڻو” گِيت سياسي ترانو بڻجي سندن لبن تي آيو آهي:
پئسو لَڌم پَٽَ تان
پئسي ورتم سون
سون ڏنم امڙ کي
امڙ ڏني خَرچي
خرچي ڏنم اَبي کي
اَبي ڏني پَرچي
پَرچي ڏنم اَديءَ کي
اَديءَ ڏِني “سِيٽَ”
سِيٽَ ڏِنم صابُوءَ کي
صابُوءَ ڏنا هارَ
هارَ پاتم صاحبَ کي
صاحب ڏِنو بُوٽ
ويٺو چَٽ، ويٺو چَٽ.