نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار چنڪي پانڊي پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن جو هڪ دلچسپ واقعو شيئر ڪندي انڪشاف ڪيو ته اهو هڪ ڀيرو پيسن عيوض جنازي ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي، تازو ئي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چنڪي پانڊي ٻڌايو ته سندس ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ سندس آمدني جو ذريعو مختلف تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ هيو، هڪ ڏينهن هڪ آرگنائيزر کيس اڇا ڪپڙا پائي هڪ تقريب ۾ اچڻ لاءِ چيو ۽ خاطري ڪرائي ته کيس ان جي بدلي پيسا ملندا، چنڪي پانڊي موجب مان مقرر جڳهه تي پهتس ۽ ڏٺو ته اڇا ڪپڙا پهريل ماڻهو جمع آهن، جڏهن اندر ويس ته سمجهه ۾ آيو ته اهو جنازو آهي، مان حيران رهجي ويس ۽ سوچڻ لڳس ته شايد آرگنائيزر جي وفات ٿي وئي آهي، پر پوءِ آرگنائيزر مون کي ٻڌايو ته مرحوم جا گهر وارا چاهين ٿا ته جيڪڏهن مان روئان ته مون کي اضافي پيسا ملندا، چنڪي پانڊي اعتراف ڪيو ته اهو واقعو سندس زندگي جو عجيب ترين تجربن ۾ شامل آهي، هن چيو ته منهنجي لاءِ اهو هڪ منفرد موقعو هيو ۽ انهن ڏينهن ۾ ڪنهن به تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جو مقصد رڳو پيسا ڪمائڻ هيو.