پئرس (اسپورٽس نيوز) پئرس اولمپڪس جي ٻه سئو ميٽر فري اسٽائيل هيٽس ۾ پاڪستان جي احمد دُراني پنهنجي هيٽ ۾ آخري نمبر تي رهيو، ٻه سئو ميٽر جي پهرين هيٽ ۾ احمد دراني چر سئو سوئمرز ۾ چوٿين نمبر تي رهيو، احمد دراني جي ٽائمنگ هڪ منٽ 58 ڏهائي 67 سيڪنڊز رهي، احمد دراني پنهنجي ذاتي ٽائمنگ کي به برقرار نه رکي سگهي ۽ ٻه سئو ميٽر فري اسٽائيل ۾ پرسنل بيسٽ ٽائمنگ هڪ منٽ 55 سيڪنڊز رهي، احمد دراني 25 سوئمرز مان 25 هين نمبر تي رهيو، پاڪستاني سوئمر سيمي فائنل ۾ ڪواليفاءِ ڪندڙ آخري سوئمر کان 11 سيڪنڊز پوئتي رهيو.