وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ آمريڪي اينڊريائيڊ واهپيدارن کي ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ کان روڪڻ جي تمام ڪوششن کي نظر انداز ڪندي ڊائون لوڊنگ جو نئون طريقو متعارف ڪرائي ڇڏيو.آمريڪا طرفان چيني ايپليڪيشن تي آمريڪن جو نجي ڊيٽا گڏ ڪرڻ يا پروپيگنڊا ڪرڻ جي خوف کي نظر ۾ رکندي جنوري ۾ پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي، جنهن جي ترديد ٽڪ ٽاڪ طرفان ڪئي وئي هئي.جيتوڻيڪ ويهه جنوري تي صدارتي عهدو سنڀالڻ واري آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ايگزيڪٽيو آرڊر تي صحيح ڪئي جنهن کانپوءِ ملڪي سطح تي لاڳو پابندي کي ملتوي ڪيو ويو پر ان باوجود هي ايپ ايپل ۽ گوگل ايپ اسٽورز تي موجود ناهي.ٽڪ ٽاڪ (جنهن جا آمريڪا ۾ تقريبن 17 ڪروڙ واهپيدار آهن) هاڻي اينڊرائيڊ واهپيدارن کي گوگل پلي تي وڃڻ کان بنا ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ جي سهولت ڏئي ڇڏي آهي.سائيڊ لوڊنگ نالي عمل ذريعي آمريڪا جا مقامي واهپيدار ٽڪ ٽاڪ جي ويب سائيٽ تان ايپ کي انسٽال ڪري سگهن ٿا.ٻئي پاسي ايپل پنهنجي ڊوائسز آئي فون يا آئي پيڊز تي سائڊ لوڊنگ جي ذريعي ايپ انسٽال ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي، انهن ڊوائسز تي ويب برائوزر ذريعي هي ايپ موجود آهي.